Ala Hazrat Ka Andaz e Safar

Book Name:Ala Hazrat Ka Andaz e Safar

موت اچي۔ (رسالہ قشیریہ، صفحہ:502)

الله پاڪ اسان کي راھ خُدا ۾ سَفر ڪرڻ، سَفر جي آداب جو لحاظ رکڻ جي توفيق عطا فرمائي۔    اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صلَّی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلَّم

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: مدني قافله

اي عاشقانِ رسول! الحمد لله! دعوتِ اسلامي اَولياءِ ڪرام ئي جو فيضان آهي، تنهنڪري پنهنجي دُنيا ۽ آخرت سنوارڻ، اَولياءِ ڪرام جي سِيرت تي هلڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ 12 ديني ڪمن ۾ به خوب وڌ کان وڌ حصو وٺو۔ دعوتِ اسلامي جي 12 دِيني ڪمن مان هڪ ديني ڪم آهي: مدني قافله۔ الحمد لله! دعوتِ اسلامي تحت هزارين، لکين عاشقانِ رسول صحابه ڪرام ۽ اولياءِ ڪرام جي طريقي تي هلندي 3 ڏينهن، 12 ڏينهن، هڪ مهيني ۽ 12 مهينن جي مدني قافلن ۾ سَفر ڪندا ئي رهن ٿا، اوهان به ڪوشش ڪري هر مهيني گھٽ مان گھٽ ٽن ڏينهن جي مدني قافلي جا مُسَافِر بڻجو، اِنْ شَآءَ الله الْڪرِيم! ان جون بيشُمار برڪتون ڏسڻ لاءِ ملنديون۔ اچو! ترغيب جي لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا،

مدني بهار

فيصل آباد جي رهائشي هڪ اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي: دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول ۾ اچڻ کان پهريان مان بگڙيل ڪردار جو مالڪ هئس، ڪوڙ، غيبت، چغلي جهڙا گناھ منهنجي زبان تي عام هئا ۽ بدنگاهي ڪرڻ منهنجي روزانه جي معمول ۾ شامل هو۔ مان ماڻهن کان هروڀرو جھيڙو ڪندو هيس۔ هر نئين فيشن کي اپنائڻ منهنجي عادت هئي۔ نمازن کان ايتري قدر دوري هئي جو مون کي خبر نه هئي ته ڪهڙي نماز ۾ ڪيتريون رڪعتون ٿينديون آهن۔ آخر ڪار گناهن جا ڏينهن ختم ٿيا، رحمت جو در کليو ۽ منهنجي