Ala Hazrat Ka Andaz e Safar

Book Name:Ala Hazrat Ka Andaz e Safar

المدينه ڪراچي کان حيدرآباد تائين بس ۾ سفر ڪندا هئا ته جيئن آساني سان نماز ادا ٿي سگهي، جيڪڏهن ٽرين اچڻ ۾ تاخير ٿيندي هئي ته باقاعده مسجد وڃي باجماعت نماز ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا۔ (مفتیِ دعوت اسلامی، صفحہ:53)

الله پاڪ سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ۽ مفتي دعوتِ اسلامي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي صدقي اسان کي به پنجئي نمازون باجماعت مسجد جي پهرين صَف ۾ تڪبيرِ اُوليٰ سان ادا ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صلَّی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلَّم

بھائیو! گر خدا کی رضا چاہئے                                  آپ پڑھتے رہیں باجماعت نماز

آؤ! مسجدمیں جھک جاؤ رَبّ کے حُضُور                 تم کو دلوائے گی حق سے رفعت نماز

اے غریبو! نہ گھبراؤ! سجدے کرو                       دے گی برکت، مٹائے گی غربت نماز

صبر سے اور نمازوں سے چاہو مدد                        پُوری کروائے ہر ایک حاجت نماز

و مسلمان پانچوں نمازیں پڑھیں                          لے چلے گی انہیں سُوئے جنّت نماز

یاخُدا! تجھ سے عطار کی ہے دُعا                            مصطفےٰ کی پڑھے پیاری اُمَّت نماز

 صَلُّوا عَلَي الْحَبيب!                                                                                    صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

اَوراد و وَظائِف جي پابندي

پيارا اسلامي ڀائرو! صُوفي سڳورن سَفَر جي آداب ۾ هڪ ادب اهو به ٻڌايو آهي ته ”اهي وِرد وظيفا جيڪي مقرر ڪري رکيا آهن، سفر دوران به اُنهن ۾ ڪمي نه ڪئي وڃي۔“ (کیمیائے سعادت، صفحہ:343ماخوذاً) عام طور تي سَفر دروان هن معاملي ۾ سستي ٿي ويندي آهي، مثال طور درودِ پاڪ پڙھندا آهيون ته سفر دوران درودِ پاڪ جي پابندي ناهي ٿي سگھندي، پنهنجي پير صاحب وٽان مليل شجري شريف جا جيڪي وِرد مقرر ڪيل هوندا آهن، اهي پڙھڻ ۾ سستي ٿي ويندي آهي پر سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه مَاشَآءَ الله! اَوراد و وَظائِف جي