Ala Hazrat Ka Andaz e Safar

Book Name:Ala Hazrat Ka Andaz e Safar

فرمائن ٿا: مون کي سَفَر سان ايترو ته مونجهارو ٿيندو آهي جو جڏهن ڪنهن جڳھ سفر جو خيال ٿيندو آهي ته ٻه، ٽي ڏينهن پهريان کان ان جي پريشاني رهندي آهي ۽ سفر تان واپسي کان پوءِ ٻه ٽي ڏينهن تائين ان جو اثر رهندو آهي۔ (حیات اعلیٰ حضرت، جلد:1، صفحہ:411)

اعليٰ حضرت جي سفر جا بنيادي مقصد

خليفهءِ اعليٰ حضرت، علَّامه ظفر الدين بهاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه وڌيڪ فرمائن ٿا: سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه صِرف ديني ضرورت تحت ئي سَفر ڪندا هئا، مثال طور 2 ڀيري حج جي لاءِ تشريف وٺي ويا، ڪڏهن ڪو مُرِيد گھڻو زور ڀري پاڻ وٽ اچڻ جي درخواست ڪندو هو، ڪنهن مدرسي ۾ ديني طالبن جي دستار بندي جو سلسلو ٿيندو هو ۽ مدرسي جي انتظاميه خواهش ڪندي هئي ته دستار بندي سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي مبارڪ هٿن سان ٿئي ته اهڙي ضرورتن تحت اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه سَفر ڪندا هئا۔ (حیات اعلیٰ حضرت، جلد:1، صفحہ:411)

اعليٰ حضرت ۽ نماز جو اهتمام

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جڏهن سَفر تي روانا ٿيندا آهيون ته عام طور تي اسان سَفَر جي تياري پهريان کان ڪندا آهيون، اسان مان هر هڪ ٿورو غور ڪري ته اسان سَفر جي لاءِ ڪهڙي تياري ڪيون ٿا؟ سَفَر ۾ ڪيترا ڏينهن لڳندا، ان جي مطابق ڪپڙا ڪافِي آهن يا نه؟ ٽڪٽ بُڪ ڪرائي ورتي آهي يا نه؟ سَفَر جي خرچ جي لاءِ رقم ڪافِي بلڪه ضرورت کان ڪجھ وڌيڪ آهي يا نه؟ راھ ۾ پاڻي جي ضرورت پيش ايندي ته پاڻي جي بوتل وغيره رکي ورتي آهي يا نه؟ وغيره وغيره کوڙ سارين شين جو اسان اهتمام ڪيون ٿا، پر قربان وڃجي! سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه تان جڏهن سَفَر ڪرڻو هوندو هو ته پاڻ به سفر جو اهتمام ڪندا هئا، پر پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو اهو اهتمام وڏو اِيمان افروز هوندو هو، سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي سَفَر جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ جنهن شيء جو فِڪر هوندو هو اها آهي: نماز۔

عام طور تي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ٽرين جي ذريعي سَفر ڪندا هئا، سندن