Ala Hazrat Ka Andaz e Safar

Book Name:Ala Hazrat Ka Andaz e Safar

آهي ۽ فرض ئي رهندي۔ ڪي نادان اهڙا به هوندا آهن جو سفر دوران سستي ڪندي ٻه نمازون هڪ وقت ۾ پڙھڻ جو مسئلو پنهنجي طرفان ٺاهي وٺندا آهن، مثال طور ظهر ۽ عصر ملائي پڙهندا آهن، مغرب ۽ عشاء ملائي پڙهندا آهن۔ اهو سراسر باطِل آهي، نماز جي 7 بنيادي شرطن مان هڪ شرط آهي: وَقت۔ يعني هر نماز ان جي وقت ۾ پڙھڻ لازِم آهي، جيڪڏهن ڪو نماز ان جو وقت شروع ٿيڻ کان پهريان پڙھي ته اها نماز نه ٿيندي، ۽ جيڪڏهن وقت گذاري پڙھي ته نماز قضا چئبي ۽ نماز جو وقت گذارڻ جو گُنَاھ ٿيندو۔ سَفَر هجي يا حَضَر (يعني سَفر جي عِلاوه حالت) هجي، هر صُورت ۾ نماز هر مسلمان تي مقرر وقت تي فرض آهي، الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:

اِنَّ الصَّلٰوةَ كَانَتْ عَلَى الْمُؤْمِنِیْنَ كِتٰبًا مَّوْقُوْتًا(۱۰۳)  (پاره5،سورةالنساء:103)

ترجمو ڪنز الايمان:  بيشڪ نماز مسلمانن تي وقت مقرر ڪيل فرض آهي.

مفتيءِ دعوتِ اسلامي جو نمازن جو اهتمام

الحمد لله! اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي فيضان سان مفتي دعوتِ اسلامي حضرت علامه مولانا مفتي محمد فاروق عطاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه به نماز جو گھڻو اهتمام ڪندا هئا، سندن هڪ رفيق جو چوڻ آهي ته مفتي محمد فاروق عطاري مدني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه تمام گهڻو باعمل هئا، امير اهلسنت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جا عطا ڪيل 72 نيڪ اعمال جا عامل هئا اڪثر باوضو رهندا هئا، مون ڪيترائي ڀيرا کين وضو کان بعد نوافل (يعني تحية الوضو) ادا ڪندي ڏٺو، عام طور اذان کان پهريان وضو ڪري وٺندا هئا ۽ جيئن ئي اذان ٿيندي هئي مسجد ۾ هليا ويندا هئا ۽ عموماً پهرين صف ۾ نماز پڙهندا هئا۔ مان سندن سان گڏ تقريباً چار سال رهيس پر مون سندن تڪبير اوليٰ فوت ٿيندي نه ڏٺي۔

مفتي فاروق عطاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه باجماعت نمازن جو تمام گھڻو اهتمام ڪندا هئا، ڪيترائي ڀيرا ٽرين جي ذريعي جيڪڏهن پنجاب وڃڻو هوندو هو ته باب