Ala Hazrat Ka Andaz e Safar

Book Name:Ala Hazrat Ka Andaz e Safar

۽ سَير وتفريح جي لاءِ جيڪو سَفر ڪيو وڃي هن ۾ اهو تَصَوُّر ڪرڻ ڏکيو آهي، جيڪڏهن اهو تَصَوُّر ڪيو وڃي ته ٻانهو فضوليات جو ارادو ئي ڪيئن ڪري سگھي ٿو، اهو ئي سبب آهي جو اَولياءِ ڪرام صِرف عِبرت ۽ نصيحت جي لاءِ، پنهنجي اِصلاح جي لاءِ، عِلمِ دين سکڻ جي لاءِ ۽ الله پاڪ جي مَعرِفت حاصِل ڪرڻ جي لاءِ سَفَر ڪندا هئا ۽ رڳو سير و تفريح تي مشتمل سَفر جي لاءِ هڪ شهر کان ٻي شهر وڃڻ ته رهيو پري، 2  قدم هلڻ به پسند نه ڪندا هئا۔

حضرت رابعه بصريه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡها جي باري ۾ منقول آهي ته هڪ ڀيري برسات ٿي، موسَم گھڻو پيارو ٿي ويو، برسات کان پوءِ نيرو آسمان چٽو ٿي ويو،    حضرت رابعه بصريه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡها ان وقت اڪيلائي ۾ تشريف فرما ٿيون، ذِڪرِ الٰهي ۾ مَصرُوف هيون، سندن ٻانهيءَ ٻاهران کان آواز ڏنو: مُحتَرمه! ٻاهر اچو! ڏسو ڪيترو حَسِين منظر آهي۔ حضرت رابعه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡها اندران ئي کان ارشاد فرمايو: منهنجو مقصد صنعت (يعني مخلوق) کي ڏسڻ ناهي، صانع (خالق يعني بنائڻ واري) جو نظارو ڪرڻ آهي، توهان به اڪيلائپ ۾ اچو ۽ صانع جو مشاهدو ڪيو (يعني اڪيلائي ۾ الله پاڪ جو ذِڪر ڪيو ۽ پنهنجي دِل ان جي نور سان منور ڪيو)۔ (تذکرۃ الاولیاء، ذکر رابعہ بصریہ، جلد:1، صفحہ:72)

چوٿين سَنِ هجري جا بُزُرگ حضرت ابو نصر عبد الله طُوسِي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي پير صاحِب جو فرمان نقل ڪندي فرمائن ٿا: صُوفي سڳورن جي آداب ۾ اها ڳالھ شامِل ناهي ته صِرف گھمڻ ڦرڻ، شهرن کي ڏسڻ ۽ روزي جي تلاش جي لاءِ سَفر ڪن، صُوفي سڳورا ته حج جي لاءِ سَفر ڪندا آهن، مشائِخ (يعني اَولياءِ ڪرام ۽ عُلَماءِ ڪرام) کان ملڻ جي لاءِ سَفر ڪندا آهن، صِلَه رحمي (يعني والدين ۽ عزيز رشتيدارن سان ملڻ وغيره) جي لاءِ سَفر ڪندا آهن، عِلمِ دين سکڻ جي لاءِ سَفر ڪندا آهن يا اهڙي هنڌ وڃڻ جي لاءِ سَفر ڪندا آهن جتي وڃڻ جي شَرعي طور ڪا فضيلت هوندي آهي۔ (اَللُّمَعُ، صفحہ:324)

پھر قافلہ الٰہی بنے ”چل مدینہ“ کا                        احمد رضا کا واسطہ یَارَبِّ مصطفےٰ!