Book Name:Ameer-e-Ahl-e-Sunnat Ka Ishq Madina
آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم
اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَڪَاتُهُمُ الْعَالِيَه ۽ مديني جو تصوّر
مديني جي عشق جي متعلق اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَڪَاتُهُمُ الْعَالِيَه جي هڪ خصوصيت مديني جو تَصَوُّر به آهي. اهو خوش نصيب اسلامي ڀاءُ جنهن کي ملتان جي اجتماع ۾ شرڪت جي سعادت ملي هوندي، ان کي ياد هوندو ته ملتان اجتماع ۾ لکين عاشقانِ رسول جمع ٿيندا هئا ۽ اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَڪَاتُهُمُ الْعَالِيَه عُشَّاقانِ مدينه کي مديني جو تصور ڪرائيندا هئا.
مديني جي تَصَوُّر جو مبارڪ انداز: * اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَڪَاتُهُمُ الْعَالِيَه پاڻ به اکيون بند فرمائي ڇڏيندا ها * عاشقانِ رسول کي به اکيون بند ڪرڻ جو چيو ويندو هيو * تَصَوُّر ئي تَصَوُّر ۾ مديني جي سفر تي روانگي هوندي هئي تَصَوُّر ئي تَصَوُّر ۾ مديني جي گهٽين ۾ پڄندا ھئا * تَصَوُّر ئي تَصَوُّر ۾ مسجدِ نبوي شريف ۾ حاضري هوندي هئي * تَصَوُّر ئي تَصَوُّر ۾ گنبذِ خضراء جو ديدار به هوندو هو * مواجهي شريف ۾ حاضري به ڏني ويندي هئي * ان مديني جي تَصَوُّر جي دوران عاشقانِ مدينه تي سوز و گداز جي ڪيفيت هوندي هئي * شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَڪَاتُهُمُ الْعَالِيَه جي مبارڪ اکين مان به ڳوڙها جاري هوندا هئا * عاشقانِ مدينه به روئي رهيا هوندا هئا، ايئن پوري اجتماع ۾ عجيب پُرسوز، رقت انگيز ماحول بڻجي ويندو هيو.
اے کاش! تصوُّر میں مدینے کی گلی ہو اور یاد محمد کی مرے دِل میں بسی ہو
اے کاش! میں بن جاؤں مدینے کا مسافر پھر روتی ہوئی طیبہ کو بارات چلی ہو
اے کاش! مدینے میں مجھے موت یوں آئے چوکھٹ پہ تری سَر ہو مری روح چلی ہو
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ عَلـٰی مُـحَـمَّد