Ameer-e-Ahl-e-Sunnat Ka Ishq Madina

Book Name:Ameer-e-Ahl-e-Sunnat Ka Ishq Madina

معنيٰ ۾ ڪنهن کي مديني جو غم يعني مديني منوره جو ڪامل عشق ملي ويو، اهو سچو عاشق رسول بڻجي ويو ۽ عاشق رسول اهو ئي هوندو آهي جيڪو عاشقِ الهي به هوندو آهي. جڏهن ڪو عاشقِ خدا ۽ عاشقِ مصطفيٰ ھجڻ جو منصب ماڻي وٺندو آهي ته ان کي الله پاڪ جي رضا حاصل ٿي ويندي آهي، ۽ جنهن کي الله پاڪ جي رضا حاصل ٿي وڃي ان جو ايمان تي خاتمو ٿيندو ۽ يقيناً اهو جنّت ۾ داخل ٿيندو. مديني جو غم ملڻ جي صورت ۾ خدا جو قسم ڪنهن ٻئي مُطالبي جي ضرورت ئي ناهي جو  مديني جي غم جي ذريعي اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!  سڀ ڪجھ حاصل ٿي ويندو.

یا نبی! بس مدینے کا غم چاہئے                                                                                        کچھ نہیں اور رَبّ کی قسم! چاہئے

مديني جو غم ۽ مديني جو درد ڪيئن ملي؟

      مديني جو غم، مديني جو عشق، ڪيئن حاصل ٿئي؟ ان جو طريقو بيان ڪندي شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَڪَاتُهُمُ الْعَالِيَه فرمائن ٿا: مديني جو غم حاصل ڪرڻ جي لاءِ * سرڪارِعالي وقار، مديني جي تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  ۽ سندن نسبت رکڻ واري هر شيءِ سان سچي پڪي محبت ڪئي وڃي * سندن مُبارڪ سُنّتن تي عمل ڪيو وڃي * بزرگانِ دين (يعني الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن) جا حَرمين طيبين جي ادب  ۽ حترام جا واقعا پڙهيا وڃن.

 * انهيءَ لاءِ مڪتبة المدينه جي ڪتاب عاشقانِ رسول جون 130 حڪايتون پڙهڻ مفيد آهي. الله پاڪ نصيب ڪري ته هن ڪتاب کي پڙهڻ سان مڪي شريف، مديني شريف ۽ حج وغيره جي محبت دِل ۾ پيدا ٿي سگهي ٿي * اهڙي طرح اعليٰ حضرت امام احمد رضا خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  جو نعتيه ديوان حدائقِ بخشش پڙهيو وڃي، سٺي اردو ڄاڻڻ وارو اگر حدائقِ بخشش کي سمجھي ڪري پڙھندو رهي ته اهو تمام وڏو عاشقِ رسول بڻجي ويندو * سچي ڳالهه اها آهي ته عشقِ رسول جي حصول ۾ ماحول ۽ صحبت گهڻي ڪارگر آهي. صحبت جي ذريعي جذبو