Ameer-e-Ahl-e-Sunnat Ka Ishq Madina

Book Name:Ameer-e-Ahl-e-Sunnat Ka Ishq Madina

به آهن* خوفِ خدا به رکندا آهن * سندن تَوَڪُّل به بي مثال آهي * اِخلاص ۽ حُسۡنِ اَخلاق ۾ به پنهنجي مثال پاڻ آهن * ايئن ئي سُنَّت سان محبت * فِڪرِ آخرت * زُهد و قناعت * ذِڪۡرُ الله جي عادت وغيره سيڪڙو ظاهري ۽ باطني وصفن سان سندن جي پاڪيزه سيرت چمڪي ڌمڪي رهي آهي.

       انهن ئي اعليٰ وصفن مان شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَڪَاتُهُمُ الْعَالِيَه جي هڪ پاڪيزه وَصۡفِ مديني سان عشقِ به آهي. اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَڪَاتُهُمُ الْعَالِيَه عاشقِ رسول ۽ عاشق صحابه و اَهلِ بيت ته آهن ئي آهن، ان سان گڏوگڏ زبردست عاشقِ مدينه به آهن.

      مديني جو ذڪر هجي، يا مديني جو فڪر هجي يا مديني جي فرياد هجي، مديني جي اُلفت هجي يا غمِ فرقت، مطلب مديني جي محبت جا جيترا انداز آهن، اهي تمام انداز ۽ پهلو اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَڪَاتُهُمُ الْعَالِيَه جي پاڪيزه ذات ۾ ملن ٿا.

اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَڪَاتُهُمُ الْعَالِيَه ۽ مديني جو ذڪر

صرف مديني جي ذڪر کي ئي ڏسو! شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَڪَاتُهُمُ الْعَالِيَه جي خصوصيت آهي ته  پاڻ ڳالهه ڳالهه تي مديني جو ذڪر ڪندا آهن * بيان فرمائن ته ان ۾ مديني جو ذڪر هوندو آهي، * درس ڏين ته ان ۾ مديني جو ذڪر * مدني مذاڪرو هجي ته ان ۾ مديني جو ذڪر * تصنيف و تاليف هجي ته مديني جو ذڪر، مطلب امير اهلسنت دَامَتْ بَرَڪَاتُهُمُ الْعَالِيَه   جي مبارڪ زندگي جو ڪوبه موقعو اهڙو ناهي جنهن ۾ ڪنهن نه ڪنهن انداز ۾ مديني جو ذڪر نه ملندو ھجي.

      اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَڪَاتُهُمُ الْعَالِيَه  جو هي مبارڪ انداز آهي ته ڪڏهن ڪڏهن بظاهر ڪو موقعو بڻجي به ناهي رهيو هوندو، پوءِ به پاڻ مديني جو ذڪر اهڙي نرالي انداز ۾ ڪندا آهن جو عاشقن جو روح خوش ٿي ويندو آهي.