Ameer-e-Ahl-e-Sunnat Ka Ishq Madina

Book Name:Ameer-e-Ahl-e-Sunnat Ka Ishq Madina

پاڪ ئي کان ڦهليو آهي ۽ ٻيهر انهيءَ ڏانهن موٽي ويندو. ([1])  مُعْجَمِ اَوْسط جي حديثِ پاڪ آهي، منهنجي پياري نبي، آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: اَلْمَدِیْنَۃُ دَارُ الْاِیْمَان   مدينو ايمان جو گھر آهي. ([2])

      مديني پاڪ جو هڪ نالو ”قَلۡبُ الۡاِيۡمان (يعني ايمان جي دل)“ به آهي. معلوم ٿيو ته مدينو منور دَارُ الايمان به آهي، مدينو منور قَلبُ الۡاِيمان به آهي، لهذا ڪيئن ٿو ٿئي سگهي جو ٻانهي جي دل ۾ ايمان ته موجود هجي پر اهو دارُ الايمان ۽ قَلبُ الۡاِيمان سان محبت نه ڪندو هجي، لهٰذا مديني منوره سان محبت ڪرڻ ايمان جي ڪمال جي علامت آهي.

      اسان کي گھرجي ته دل ۾ مديني طيبه جي محبت وڌائڻ، مديني جي غم جي نعمت حاصل ڪرڻ، مديني جي فرقت ۾ ڳوڙها ڳاڙڻ جي سعادت حاصل ڪيون، هي ڪيئن ٿيندو؟ اچو! انهيءَ سلسلي ۾ عاشقِ مدينه شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَڪَاتُهُمُ الْعَالِيَه جا بيان ڪيل ڪجھ مدني گُل ٻڌون ٿا:

مديني جو غم ڇا آهي؟

      شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَڪَاتُهُمُ الْعَالِيَه جي خدمت ۾ سوال ٿيو: مديني جو غم ڇا آهي؟ پاڻ جواب  ۾فرمايائون: غم جي معني رَنج ۽ الم ۽ صدمو وغيره آهن  پر هتي مديني جي غم مان مراد مديني جو عشق ۽ مديني جي محبت آهي. جڏهن ڪنهن سان عشق ۽ محبت جو غلبو هوندو آهي ته انسان ان جي فراق ۾ بي چين رهندو آهي ايسيتائين جو اهو عشق ۽ محبت غم ۾ بدلجي ويندو آهي.

جنهن کي مديني جو غم مليو ان کي سڀ ڪجھ ملي ويو

      اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَڪَاتُهُمُ الْعَالِيَه وڌيڪ فرمايو: ياد رکو! جيڪڏهن حقيقي


 

 



[1]... حاشیہ شیخ زادہ تفسیر بیضاوی ، پارہ:28، الحشر، تحت الآیۃ:9، جلد:8، صفحہ:167۔

[2]... المعجم الاوسط، جلد:4، صفحہ:174، حدیث:5618۔