Book Name:Ameer-e-Ahl-e-Sunnat Ka Ishq Madina
سٺي نيّت ٻانهي کي جنّت ۾ داخل ڪري ڇڏي ٿي. بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيّتون ڪري ڇڏيو! مثلاً نيت ڪيو! * عِلمِ دين سکڻ لاءِ پورو بيان ٻڌندس * ادب سان ويهندس * پنهنجي اصلاح جي لاءِ بيان ٻڌندس * جيڪو ٻڌندس ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ عَلـٰی مُـحَـمَّد
اسان جي آقا و موليٰ، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سؤٽ، عظيم صحابيءِ رسول، سُلطانُ المفسرين حضرت عبد الله بن عبّاس رَضِىَ اللهُ عَنْهُمَا فرمائن ٿا: اَلنَّظَرُ إِلَى الرَّجُلِ مِنْ أَهْلِ السُّنَّةِ الَّذِي يَدْعُو إِلَى السُّنَّةِ، وَيَنْهَى عَنِ الْبِدْعَةِ عِبَادَةٌ يعني صحيح العقيده سُنِّي جيڪو سُنَّتُن جي تبليغ ڪندو هجي ۽ بدعت کان روڪيندو هجي، اُن سنَّت واري مبلغ کي ڏسڻ عبادت آهي. ([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! موجوده دور فتنن سان ڀريل آهي، هر ايندڙ ڏينهن نوان نوان فتنا ڪَرُ کڻندا ئي رهن ٿا پر الله پاڪ جو فضل آهي جو اُن پنهنجي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اُمَّت کي ڪڏهن بي يار و مددگار ناهي ڇڏيو، هر دَور ۾ عُلماءِ ڪرام، اولياءِ عظام سنَّتن جي تبليغ ڪندا ۽ ڪَرُ کڻندڙ فتنن سان منهن ڏيندا آيا آهن.
اڄ جي دور ۾ به ڪيئي عاشقانِ رسول عالم سڳورا (موجود) آهن جيڪي سنّتن جي تبليغ ۾ مصروف آهن، انهن ئي عاشقانِ رسول عالمن جي فهرست تي نظر وجهبي ته سڀ کان پهريان هڪ خوبصورت پيارو پيارو چهرو ذهن ۾ ايندو،