Book Name:Ameer-e-Ahl-e-Sunnat Ka Ishq Madina
وڌندو آهي، هاڻي جيئن ته ڪير حج يا مديني پاڪ جي حاضري جي لاءِ ويو ۽ ان سفر ۾ ڪنهن عاشقِ رسول جي صحبت نه مليس ته ان کي ذوق نصيب نه ٿيندو لهٰذا حرمين طيبين جو سفر اهلِ ذوق ۽ اهل علم سان ڪرڻ گھرجي * پنهنجي ملڪ ۾ به عاشقانِ رَسول جي صحبت ۾ وڌ کان وڌ وقت گذارڻ گھرجي * الحمد لله! دعوتِ اسلامي جي سنّتن ڀري اجتماعن ۽ مدني مذاڪري ۾ شرڪت سان مديني شريف جي محبت جي چاشني ملندي آهي.
ڪاش! اسان سڀني کي مديني جو عشق، مديني جو غم، مديني جو درد حاصل ٿي وڃي، دل مديني جي يادن ۾ ٻڏل رهي، چپن تي هر وقت بس مدينو، مدينو، مدينو ئي جاري رهي.
آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم
12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم : هفتي وار اجتماع
اي عاشقانِ رسول! دل ۾ مديني جو عشق وڌائڻ ، مديني جي ياد، مديني جو ذڪر ڪرڻ، گناهن ۽ فضوليات کان بچڻ سٺي، بامقصد، سنتّن ڀري ۽ نيڪين واري زندگي گذارڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ 12 ديني ڪمن ۾ به خوب حصو وٺو،. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دُنيا ۽ آخرت جون بيشمار برڪتون نصيب ٿينديون. دعوتِ اسلامي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم هفتي وار اِجتماع به آهي. اچو دعوتِ اسلامي جي هفتي وار اجتماع جي هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا:
ٽيبل ٽينس جو شوقين ڪيئن سڌريو؟
ڪراچي جي رهڻ واري هڪ اسلامي ڀاءُ جو مذهبي ذهن نه هجڻ ڪري فضوليات ۾ پنهنجا ڏينهن رات گذاري رهيو هو، گناهن جو سلسلو به جاري هيو، ۽ ان کي ٽيبل ٽينس جو بيحد شوق هيو، شام ٿيندي ئي ٽيبل ٽينس کيڏڻ ۾