Book Name:Ameer-e-Ahl-e-Sunnat Ka Ishq Madina
عطرِ سُنّت بانٹتا ہے اے مرے عطار تو اہلسنت کے لئے ہے صاحِبِ شاہکار تُو
ساری دُنیا کے کناروں سے صدا آنے لگی بن چکا ہے عاشقوں کا قافِلہ سالار تُو
اَہْلِ شَر غوغا کریں، اَہْلِ سُنَن کو غم نہیں فتنۂ باطِل کی رہ میں بن گیا دِیوار تُو
بدرؔ نے اس عہد میں دیکھا نہ تجھ سا دُوسرا تُو دھنی ہے قول کا اور صاحِبِ کردار تُو
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ عَلـٰی مُـحَـمَّد
اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَڪَاتُهُمُ الْعَالِيَه جو مختصر تعارف
* شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت، بانيءِ دعوتِ اسلامي حضرتِ علّامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطّار قادري رُضوي دَامَتْ بَرَڪَاتُهُمُ الْعَالِيَه جي وِلادت باسَعَادت 26 رمضانُ المبارڪ 1369 هه بمطابق 12 جولاءِ 1950ع بروز اربع پاڪستان جي مشهور شهر ڪراچي ۾ مغرب کان ٿورو اڳي ٿي * سندن ڪنيت: ابو بلال ۽ تخلص (يعني شعرن ۾ اَصل نالي جي جڳهه تي استعمال ٿيڻ وارو نالو) عطّار آهي
* اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَڪَاتُهُمُ الْعَالِيَه ننڍپڻ کان ئي نهايت ئي ساده طبيعت جا مالڪ آهن، کين محلي وارا جيڪي ننڍپڻ کان سندن کي سڃاڻن ٿا، انهن جو چوڻ آهي ته ٻاروتڻ ۾ ئي جيڪڏهن ڪو دڙڪو ڏيندو هو، يا ماريندو هيو ته جوابي انتقامي ڪاروائي نه ڪندا هئا بلڪه خاموشي اختيار فرمائيندا ۽ صبر ڪندا هئا، اسان سندن کي ننڍپڻ کان ئي ڪنهن کي برو ڀلو چوندي يا ڪنهن سان جھيڙو ڪندي نه ڏٺو * اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَڪَاتُهُمُ الْعَالِيَه جواني ئي ۾ عِلمِ دين جي زيور سان آراسته ٿي چڪا هئا. حصولِ عِلم جي ذريعن مان ڪتاب پڙهڻ ۽ علماءِ ڪرام جي صحبت ۾ رهڻ کي اختيار ڪيو. ان سلسلي ۾ مسلسل 22 سال مفتي اعظم پاڪستان حضرت علّامه مفتي وقار الدين قادري رضوي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي صحبتِ بابرڪت ۾ حاضر رهيا * مفتي وقار الدين رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَڪَاتُهُمُ الْعَالِيَه کي پنهنجي خلافت ۽ اجازت سان به نوازيو * مفتي وقار الدين رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان علاوه سندن کي شارح