Ameer-e-Ahl-e-Sunnat Ka Ishq Madina

Book Name:Ameer-e-Ahl-e-Sunnat Ka Ishq Madina

مديني جي نسبت جي بهار

شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَڪَاتُهُمُ الْعَالِيَه جو هڪ رسالو آهي: پاڻي جي باري ۾ اهم معلومات هِن رسالي ۾ هڪ مقام تي مستعمل (مثلاً جيڪو وُضو جي لاءِ استعمال ٿي چڪو هجي اُن) پاڻي جون پنج صورتون لکڻيون هيون، ان مقام تي اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَڪَاتُهُمُ الْعَالِيَه هڪ عنوان (Heading) هيئن ڏني: مديني جي 5 حرفن جي نسبت سان پاڻي جي مستعمل هجڻ جون پنج صورتون.

      سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! خوبصورت انداز ڏسو! ڳالهه هلي رهي آهي مستعمل پاڻي جي، مديني منوره جو پري پري تائين ذڪر ناهي، پر هڪ مديني جو عاشق ته مديني جو عاشق آهي، قلم هلي رهيو هجي، تحرير لکجي رهي هجي پر مديني جو ذڪر نه هجي مديني جو عاشق ڪيئن ٿو گوارا ڪري، تنهنڪري لکيائون: مديني جي 5 حرفن جي نسبت سان پاڻي جي مستعمل هجڻ جون پنج صورتون. مقصد به پورو ٿي ويو، مديني جو ذڪر به ٿي ويو ۽ مديني جي نسبت جون برڪتون به حاصل ٿي ويون.

نامِ مدینہ لے دیا، چلنے لگی نسیمِ خُلْد                                                                       سوزِشِ غم کو ہم نے بھی کیسی ہوا بتائی کیوں

وضاحت: يعني دل مديني جي غم ۾ بيتاب هيو، اسان مديني جو نالي وٺي ڇڏيو، ان جي برڪت سان جيتريون هوائون هلڻ لڳيون، ٻڌايو! پوءِ اسان دل جي بيتابي جي لاءِ ڪهڙي انوکي دوا جو انتخاب ڪيو.؟

      هي ڪو هڪ موقعو ناهي، اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَڪَاتُهُمُ الْعَالِيَه جي ڪتابن ۽ رسالن ۾ هي شيءِ توهان کي ڪثرت سان ڏسڻ لاءِ ملندي ته پاڻ پنهنجي تحرير ۾ نسبت جو فيضان ضرور شامل فرمائيندا آهن، ڪٿي غوث و خواجه جي نسبت، ڪٿي امام احمد رضا جي نسبت، ڪٿي صحابه و اهلِ بيت جي نسبت، اميرِ اهلسنت جي تحريرن  ۾ ڪيئي مقامَ (هڙا) آهن، جتي پاڻ مديني شريف،