Book Name:Ameer-e-Ahl-e-Sunnat Ka Ishq Madina
(4): اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَڪَاتُهُمُ الْعَالِيَه جي عشقِ مدينه مان آهي ته مديني شريف جي ڪنهن شيءِ جو ذڪر هجي، اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَڪَاتُهُمُ الْعَالِيَه اُن جي لاءِ لفظن جي چونڊ تمام گھڻي احتياط سان، ادب سان ڪندا آهن. مثلاً مديني شريف جي سمت (Left/ Right وغيره) جو ذڪر ڪرڻو هوندو ته سڌي طرف، الٽي طرف ناهن چوندا ڇو ته مديني شريف جي هر شيءِ سڌي آهي، اُتي ڪا شيءِ الٽي ناهي، انهيءَ ڪري اُلٽي جانب جي جاءِ تي دِل جي جانب چوندا آهن (5): اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَڪَاتُهُمُ الْعَالِيَه جي هڪ تمام وڏي ايمان افروز ادا هي آهي ته پاڻ مديني منوره جي ڪنڪرين (ننڍين پٿرين) پٿرن ۽ وڻن کي پنهنجي ايمان جا شاهد بڻائيندا آهن. الله پاڪ اسان کي به مديني منوره بلڪه پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي هر هر نسبت جو خُوب ادب ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.
آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ عَلـٰی مُـحَـمَّد
اي عاشقانِ رسول! مديني طيبه جي محبت عشقِ رسول ۽ ڪمالِ ايمان جي عَلامت آهي. الله پاڪ اسان سڀني کي مديني منوره جي بي پناهه محبت نصيب فرمائي. قرآنِ مجيد ۾ ارشاد ٿئي ٿو:
وَ الَّذِیْنَ تَبَوَّؤُ الدَّارَ وَ الْاِیْمَانَ مِنْ قَبْلِهِمْ (پارہ28، سورۃ الحشر: 9)
ترجمو ڪنز العرفان: ۽ اهي جن انهن (مهاجرن) کان پهريان هن شهر کي ۽ ايمان کي ٺڪاڻو بڻايو.
هن آيت جي حوالي سان علَّامه بيضاوي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: هن آيت ۾ الله پاڪ مديني پاڪ کي ”اِيۡمان (يا دارُ الاِيۡمان)“ فرمايو آهي، ان جو سبب هي آهي ته ايمان مديني