Book Name:Ameer-e-Ahl-e-Sunnat Ka Ishq Madina
جا شريف انسان بڻجي ويا * حَسَد جي باهه ۾ سڙڻ وارا شڪر گذار ۽ خير خواهه ٿي ويا * فلمن ۽ گانن جا شوقين نعتِ مصطفيٰ پڙهڻ ۽ ٻڌڻ وارا بڻجي ويا * دُنيا جي گندي گناهن سان ڀريل عشق جا شيدائي، پياري مصطفيٰ، مڪي مدني آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي زلفن جا ديوانا ٿي ويا * مال ۽ دولت جي پويان ڀڄڻ وارا رِضا الهي جا طلبگار ٿي ويا * شرابي آيا، توبه ڪري پاڪيزه انسان بڻجي ويا غافل آيا، عبادت گذار بڻجي ويا * ڀليلن کي سڌو رستو ملي ويو * هزارين ڪافرن کي اسلام جي نعمت نصيب ٿي. ايئن هڪ هڪ ٻه ٻه ايندا ويا ۽ اَلحمدُ لِله! نيڪي جي دعوت جو هي ديني پيغام سڄي دُنيا ۾ پهچي ويو.
اے امیرِ اہلسنت تیری شوکت زندہ باد
تجھ سے دُنیا بھر میں ہے دِیں کی اشاعت زندہ باد
تیرے دم سے آئی وہ دین و شریعت کی بہار
اعلیٰ حضرت زندہ اور صدرِ شریعت زندہ باد
تیری مجلس میں گئے جو بن گئے صالح سعید
نوجواں پر ہو ترا فیضانِ صحبت زندہ باد
گوشہ گوشہ دنیا کا ہونے لگا ہے فیض یاب
عام ہر سُو ہو گیا فیضانِ سُنَّت زندہ باد([1])
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ عَلـٰی مُـحَـمَّد
اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَڪَاتُهُمُ الْعَالِيَه جو مديني سان عشق
اي عاشقانِ رسول! شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَڪَاتُهُمُ الْعَالِيَه بيشمار اعليٰ اوصاف و ڪمالات جا حامِل آهن * پاڻ متقي به آهن * پرهيزگار به آهن * صابِر