Ameer-e-Ahl-e-Sunnat Ka Ishq Madina

Book Name:Ameer-e-Ahl-e-Sunnat Ka Ishq Madina

اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَڪَاتُهُمُ الْعَالِيَه جي پهرين مديني جي حاضري

      پيارا اسلامي ڀائرو! الحمد لله! شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَڪَاتُهُمُ الْعَالِيَه  ننڍپڻ کان ئي مديني جا عاشق به آهن ۽ عاشقِ رسول به آهن. پاڻ دَامَتْ بَرَڪَاتُهُمُ الْعَالِيَه   هڪ عرصي تائين مديني منوره جي هجر و فراق (يعني جدائي) ۾ تڙپندا رهيا پر مديني جي حاضري جي ڪا صورت نه بڻجي سگهي، آخر 1400هه ۾ جڏهن سندن عمر مبارڪ 30 سال هئي، اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَڪَاتُهُمُ الْعَالِيَه کي پهريون ڀيرو مديني جي حاضري جو پروانو مليو...

صبا! اس خوشی سے کہیں مر نہ جاؤں                                                        دیارِ نبی سے بُلاوا ملا ہے

   الله اڪبر! هڪ عظيم مديني جو عاشق جيڪو هڪ عرصي تائين مديني جي حاضري لاءِ تڙپي رهيو هيو، ان کي مديني جو سڏ ملي ويو، بس هاڻي ڇا هيو پهريان ئي دل ۾ ٻرندڙ عشقِ مصطفيٰ (صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) جي باهه هاڻي ويتر ڀڙڪي اٿي، دل بي قرار آهي ۽ ڳوڙها رڪجڻ جو نالو ئي نٿا وٺن. مديني جي سفر جي وقت اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَڪَاتُهُمُ الْعَالِيَه جي پر سوز ڪيفيتون ڇا هيون؟ ان جو ڪجھ اظهار پاڻ شعرن جي صورت ۾ هيئن ڪيو اٿن:

مجھ کو درپیش ہے پھر مبارک سفر                                                                            قافلہ پھر مدینے کا تیار ہے

نیکیوں کا نہیں کوئی توشہ فقط                                                                                                میری جھولی میں اشکوں کا اِک ہار ہے

کوئی سجدوں کی سوغات ہے نہ کوئی                                                                    زہد و تقویٰ مرے پاس سرکار ہے

چل پڑا ہوں مدینے کی جانِب مگر                                                                            ہائے سر پر گناہوں کا انبار ہے

توهان وڃي نه، اچي رهيا آهيو....!!

      شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَڪَاتُهُمُ الْعَالِيَه جي پير و مرشد سيدي قطبِ مدينه رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه   مديني منوره ئي ۾ تشريف فرما هئا، پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  اتي رهائش اختيار فرمائي