Book Name:Ameer-e-Ahl-e-Sunnat Ka Ishq Madina
بقيع پاڪ، مواجهي شريف، جي نسبت کي شامل فرمايو آهي، مثلاً گهر ۾ اچڻ وڃڻ جون سنتون ۽ آدابن لکڻ جي لاءِ عنوان (Heading) هيئن لڳائي: ”مديني جي حاضري“ جي 12 حرفن جي نسبت سان گهر ۾ اچڻ وڃڻ جا 12 مدني گُل. جُتي پائڻ جون سنتون ۽ آداب لکڻ کان پهرين لکن ٿا: ”چل مدينه“ جي 7 حرفن جي نسبت سان جُتي پائڻ جا 7 مدني گُل. هڪ مقام تي لکيو آهي: ”مديني“ جي پنج حرفن جي نسبت سان ايصالِ ثواب جا 5 مدني گُل.
مطلب اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَڪَاتُهُمُ الْعَالِيَه جي تحريرن ۾ اها شيءِ ڪثرت سان ملي ٿي ته پاڻ مديني پاڪ جو ذڪر ڪثرت سان فرمائيندا هئا ۽ مديني جي نسبت جو فيضان به ورهائيندا آهن.
اميرِاهلسنّت دَامَتْ بَرَڪَاتُهُمُ الْعَالِيَه جي شاعري ۽ مديني جو ذڪر
الحمد لله اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَڪَاتُهُمُ الْعَالِيَه زبردست نعت گو شاعر به آهن، سندن نعتن جو ديوان ”وسائلِ بخشش ۽ وسائلِ فردوس“ مڪتبة المدينه ڇاپيا (Publish) آهن. اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَڪَاتُهُمُ الْعَالِيَه شعرن جي صورت ۾ به ڪثرت سان مديني جو ذڪر ڪندا آهن، اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَڪَاتُهُمُ الْعَالِيَه جو لکيل ڪلام پڙهي ڪري ڏسو! توهان کي جڳهه جڳهه مديني جو ذڪر ملندو. پنهنجي هڪ ڪلام ۾ مديني جو ذڪر ڪندي لکن ٿا:
مدینہ، مدینہ، ہمارا مدینہ ہمیں جان و دِل سے ہے پیارا مدینہ
سہانا سہانا دِل آرا مدینہ دوانوں کی آنکھوں کا تارا مدینہ
یہ ہر عاشقِ مصطفےٰ کہہ رہا ہے ہمیں تو ہے جنّت سے پیارا مدینہ
یہ رنگیں فضائیں، یہ مہکی ہوائیں مُعَطَّر، مُعَنْبَر ہے سارا مدینہ
مدینے کے جلووں کے قربان جاؤں خدا نے ہے کیسا سنوارا مدینہ
خُدا گر قیامت میں فرمائے مانگو پُکاریں گے دیوانے پیارا مدینہ
الله پاڪ اسان کي به ڪثرت سان مديني جو ذڪر ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي.