Book Name:Ameer-e-Ahl-e-Sunnat Ka Ishq Madina
برابر آهي. ([1]) ❷ پٽڪو ٻڌو توهان جو حلم (برداشت) وڌندو. ([2])
پيارا اسلامي ڀائرو! پٽڪو بيهي ڪري ٻڌو ۽ پاجامو ويهي ڪري پايو * جنهن ان جي اُبتڙ ڪيو اهو اهڙي مرض ۾ مبتلا ٿيندو جنهن جي دوا ناهي (يعني طبيبن کي دوا جي ڄاڻ ناهي) * پٽڪو ٻڌڻ کان پهرين سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺو هڪ به چڱي نيت نه ٿي ته ثواب نه ملندو * مناسب اهو آهي ته پٽڪي جو پهريون وَرُ مٿي جي سڌي پاسي وڃي * الله پاڪ جي آخري رسول صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مبارڪ پٽڪي جو شملو عام طور پشت (يعني مبارڪ پُٺيءَ) جي پويان هوندو هيو ۽ ڪڏهن ڪڏهن سڌي پاسي، ڪڏهن ٻنهي ڪلمن جي وچ تي 2 شملا هوندا هئا * اُبتي پاسي شملو لڙڪائڻ خلافِ سُنّت آهي * پٽڪي جي شملي جو مقدار گھٽ ۾ گھٽ 4 آڱريون ۽ وڌ ۾ وڌ (اڌ پٺي يعني تقريباً) هڪ هٿ (وچين آڱر جي چوٽيءَ کان وٺي ٺونٺ تائين جي ماپ هڪ هٿ چورائيندي آهي) * پٽڪو قبلي طرف بيٺي بيٺي ٻڌجي * مِرۡاٰت شريف ۾ آهي: پٽڪو بيهي ٻڌڻ سُنّت آهي مسجد ۾ ٻڌي يا ڪنھن ٻئي هنڌ * پٽڪي ۾ سُنّت هي آهي ته اڍائي گز کان گھٽ نه هجي، نه 6 گز کان وڌ ۽ ان جي ٻَڌاڻي گنبذ نُما هجي.([3])
مختلف سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي بهارِ شريعت جلد:3، حصي:16، ۽ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَڪَاتُهُمُ الْعَالِيَه جو 91 صفحن جو رسالو 550 سنّتون ۽ آداب خريد فرمايو ۽ پڙهو، سنتن سکڻ جو هڪ بهترين ذريعو دعوتِ اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ سنّتن ڀريو سفر به آهي.
قرض ہو گا ادا آ کے مانگو دعا پاؤ گے برکتیں قافلے میں چلو
قَرْض کا بار ہو، بے کسی یار ہو چاہو گر راحتیں قافلے میں چلو
الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي. آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم