Book Name:Ameer-e-Ahl-e-Sunnat Ka Ishq Madina
حيدرآباد (سنڌ) جي هڪ اسلامي ڀاءُ کي هڪ ڀيري سرورِ دوعالم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي زيارت نصيب ٿي، رسولِ رحمت، شفيعِ اُمَّت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: الياس قادري کي منهنجا سلام چئجو ۽ چئجوس ته تو جيڪو الوداع تاجدارِ مدينه وارو ڪلام لکيو آهي، اهو اسان کي تمام گھڻو پسند آيو آهي، هن ڀيري جڏهن مديني اچو ته ڪا نئي الوداع لکجو. ([1])
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ عَلـٰی مُـحَـمَّد
1406ھ ۾ اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَڪَاتُهُمُ الْعَالِيَه مديني منوره حاضر ٿيا، ان وقت پاڻ کي ان آرزو بيتاب ڪيو ته مسجدِ نبوي شريف ۾ ٻهارو ڏيڻ جي سعادت حاصل ڪئي وڃي. جيتوڻيڪ پاڻ حرم شريف جي خادِمن سان پنهنجي خواهش جو اظهار ڪيو، ايئن پاڻ ڪجھ لمحن جي لاءِ مسجدِ نبوي شريف ۾ ٻهارو ڏيڻ جي سعادت حاصل ڪئي.
ڪڏنھن ايئن به ٿيو جو شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَڪَاتُهُمُ الْعَالِيَه مديني منوره جي گھٽين مان گزرندي ٻهارو ڏيڻ وارن جي هٿ مان ٻهارو وٺي مديني جي گھٽين ۾ ٻهارو ڏيڻ جي سعادت حاصل ڪئي. ([2])
خدا خیر سے لائے وہ دن بھی نوریؔ مدینے کی گلیاں بہارا کروں میں
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ عَلـٰی مُـحَـمَّد