Ameer-e-Ahl-e-Sunnat Ka Ishq Madina

Book Name:Ameer-e-Ahl-e-Sunnat Ka Ishq Madina

مديني جي ٻليءَ جو اَدب

      رڪنِ شوريٰ حاجي اسلم عطاري سَلَّمَهُ الۡبَارِيۡ فرمائن ٿا: اسان کي مديني ۾ اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَڪَاتُهُمُ الْعَالِيَه سان گڏ سحري ڪرڻ جي سعادت نصيب ٿي، انهيءَ دوران اچانڪ هڪ ٻلي جو ٻچو دسترخوان تي اچي ويو، قربان وڃجي! اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَڪَاتُهُمُ الْعَالِيَه جي عشقِ رسول تان! پاڻ فوراً محبوبِ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مبارڪ شهر جي ٻلي جي ٻچي کي نهايت محبت سان پنهنجي ٻنهي هٿن ۾ کنيو ۽ شفقت ڀري نظرن سان ان کي ڏسڻ لڳا، پوءِ فرمايائون: هِن جا قدم اتي لڳا آهن جتي منهنجي آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا قَدَمَين شريفين لڳندا رهيا، هِن جي ته قدم بوسي ڪرڻ گھرجي. ([1])

صَــلُّـوْا  عَـلَـی   الْـحَبِيْـب!                                                                          صَـلَّـی اللهُ   عَلـٰی   مُـحَـمَّد

”مديني“ جي 5 حرفن جي نسبت سان مديني جي عاشق جون 5 ادائون

اي عاشقانِ رسول! شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَڪَاتُهُمُ الْعَالِيَه مديني منوره جي ادبَ جو تمام گھڻو خيال رکندا آهن؛ (1): سندن عادتِ ڪريمه آهي ته جيسيتائين ممڪن هجي گنبذِ خضرا شريف ڏانهن پٺي ناهن ڪندا (2): اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَڪَاتُهُمُ الْعَالِيَه مديني شريف جي هر شيءِ جو خوب ادب ڪندا آهن (3): اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَڪَاتُهُمُ الْعَالِيَه  جي هڪ خُوبصورت ادا هي به آهي ته پاڻ مديني منوره جي مبارڪ مٽي کي باقاعده سَرَائي جي ذريعي اکين ۾ سرمي طور  لڳائيندا آهن. هڪ ڀيري ڏٺو ويو ته اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَڪَاتُهُمُ الْعَالِيَه مديني شريف جي ڪبوترن جي پيرن جي مٽي کي پنهنجي اکين ۾ لڳايو. شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَڪَاتُهُمُ الْعَالِيَه مديني جي عاشقن کي هن ڳالهه جي تلقين ڪندي فرمائن ٿا:

خاکِ دَر کا لگا کے سُرمہ تُم                                                                                                       راحتیں لوٹنا مدینے کی


 

 



[1]... اراکینِ شوریٰ کی مدنی بہاریں، صفحہ:135۔