Aala Hazrat K Aaala Akhlaq

Book Name:Aala Hazrat K Aaala Akhlaq

وزني ڪو عمل ناهي۔[1] ۽ هي ئي  اهو عمل آهي جنهن کي اپنائي انسان ڏينهن ۾ روزو رکڻ ۽ رات ۾ قيام ڪرڻ وارن جو درجو حاصل ڪندو آهي۔[2] ۽ انهيء عمل جي باري ۾ اُمّ المومنين حضرتِ عائشه صديقه طيبه طاهره رَضِىَ اللهُ عَنْها فرمائن ٿيون: ٻانهو پنهنجي حسنِ اخلاق جي ڪري رات جو عبادت ڪرڻ واري ۽ سخت گرمي ۾ ڪنهن کي پاڻي پيئارڻ واري جو درجو حاصل ڪندو آهي۔[3]

هڪ بُزرگ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائي ٿو: چڱا اَخلاق اَجنَبِي کي پنهنجو ڪندا آهن ۽ بُرا اَخلاق پنهنجن کي اَجنبِي بڻائي ڇڏيندا آهن۔[4]

  پيارا اسلامي ڀائرو ! غور ڪريو، هن مختصر جملي ۾ ڪيتري قيمتي ڳالھ ڪئي وئي آهي ته اسان جا سٺا اخلاق هڪ اهڙي شخص کي به پنهنجو بڻائي سگھن ٿا جنهن کي اسان سڃاڻون نٿا، جڏهن ته ان جي ابتڙ اسان جا بُرا اخلاق اسان جي پنهنجن کي اسان کان پري ڪري سگھن ٿا۔ اسان کي ڪوشش ڪرڻ گھرجي ته اسان هر هڪ سان حسن اخلاق سان پيش اچون، جيڪڏهن بُرا اخلاق آهن ته انهن کي سٺي اخلاق ۾ تبديل ڪيون يا ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون، الله پاڪ جي بارگاھ ۾ چڱي اخلاق وارو بڻجڻ جي دُعا ڪريون، چڱن اخلاق جي اعليٰ صِفت اپنائڻ جي لاءِ بزرگانِ دِين جي حُسنِ اخلاق سان مالا مال واقعن جو مطالعو ڪريون۔ امير اهلِ سنت دامت برکاتهم العاليه جي عطا ڪيل 72 نيڪ عملن ۾ نيڪ عمل نمبر30 ۾ به ”مسلمانن کي سلام“ ڪرڻ جي ترغيب ڏني وئي آهي ڇوته اهو اهڙو عمل آهي جو اهو ماڻهن جي دلين ۾ محبت پيدا ڪندو آهي، نفرتون ختم ڪندو آهي ۽ اها ڳالھ حُسنِ اخلاق جي لاءِ بنيادي حيثيت رکي ٿي۔

بُري اخلاق کي چڱي اخلاق سان بدلڻ جي وڏي فضيلت آهي جيئن ته حضرت سهل بن عبدالله رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: سڀ کان وڏي ڪرامت اها آهي ته


 

 



[1]... الادب المفرد ، باب حسن الخلق ،ص۹۱، رقم ۲۷۳

[2]... طبرانی اوسط ، ج۴، ص۳۶۹،رقم ۶۲۷۳

[3]... شعب الایمان ، ج۶،رقم ۷۹۹۸تا ۸۰۰۰،ص۲۳۷بتغیر قلیل

[4]... دِین و دنیا کی انوکھی باتیں،ص۲۶۸،مکتبۃ المدینہ ، کراچی