Aala Hazrat K Aaala Akhlaq

Book Name:Aala Hazrat K Aaala Akhlaq

سان ته ”منهنجي والدِ ماجد مون کي پهرين فتويٰ تي انعام (Gift) ڏنو هو، ان ڪري مان به پهرين فتويٰ صحيح تي انعام ڏيان ٿو“۔ حق هي آهي ته هڪ خادم جي اها عزّت افزائي آهي جنهن جي ڪا حد نه آهي ۽ پوءِ ان عزّت افزائي کي هميشه برقرار رکيائون۔[1]

  پاڻ وڌيڪ فرمائن ٿا ته انهيء سلسلي ۾ اها ڳالھ مون کي هميشه ياد رهندي آهي ته طالب علمي جي دور ۾ جڏهن به رمضان شريف ۾ بريلي شريف ۾ رهندا هئاسين ۽ موڪلن ۾ گھر نه ويندا هئاسين ته عيد الفطر جي ڏينهن جهڙي طرح تمام عزيزن کي عيدي ورهائيندا هئا، مون کي ۽ ٻين خاص شاگردن مثال طور مولوي عبد الرشيد صاحب، مولوي شاهه غلام محمد صاحب، مولوي محمد ابراهيم صاحب، مولوي محمد نذير الحق صاحب ۽ مولوي اسمٰعيل صاحب سڀني کي اعلي حضرت انهن جي رتبي جي مطابق عيدي عطا ڪندا هئا۔ [2]

اي عاشقانِ اعليٰ حضرت ! ٿورو غور فرمايو ته اسان جي امامِ اهلسنت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جو پنهنجي شاگردن سان حُسنِ سلوڪ ڪهڙو هو، ڪيئن دل جُوئي ڪري پنهنجي شاگرد جو حوصلو وڌايو، شايد اهو ئي سبب آهي جو اها شخصيت جڏهن پنهنجي فن ۾ ڪمال تائين پهتي ته ملڪ العلماء يعني عالمن جي بادشاھ جي لقب سان دنيا ۾ انهن کي پڪاريو ويو۔

ياد رکو ! ڪنهن جي جائز ۽ درست ڪم تي ان جو حوصلو وڌائڻ ۽ درست ڪم جي ساراھ ڪرڻ اهو ڪنهن به انسان جي لاءِ ايترو ئي ضروري آهي جيترو هڪ گاڏي جي لاءِ پيٽرول ضروري آهي۔ دنيا جي هر ڪامياب شخص جي پويان ڪنهن جي حوصله افزائي ۽ ڪجھ ڪري ڏيکارڻ جي ترغيب هوندي آهي، جيڪا ناممڪن کي به ممڪن ڪري ڏيکاريندي آهي۔ ڪنهن جي حوصله افزائي ڪرڻ صرف دنياوي طور تي ئي ساراھ لائق ناهي بلڪ شريعتِ مطهره ۾ به ان عمل جا مثال مختلف هنڌن تي نظر اچن ٿا۔


 

 



[1]... حیات ِ اعلیٰ حضرت،ج1،ص154 مطبوعہ لاہور

[2]... حیات ِ اعلیٰ حضرت،ج1،ص155مطبوعہ لاہور