Aala Hazrat K Aaala Akhlaq

Book Name:Aala Hazrat K Aaala Akhlaq

قرآنِ ڪريم ۾ الله پاڪ هڪ اهڙي قوم جي ساراھ ڪئي جيڪا طهارت جو خوب خيال رکندي هئي، صحابه ڪرام جي عمل ۽ راھ خدا ۾ انهن جي قربانين تي الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ انهن جي واکاڻ فرمائي، حضرت صديق اڪبررَضِىَ اللهُ عَنْه پنهنجو سمورو مال رسولِ اڪرم شاھ بني آدم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جي قدمن تي نثار ڪري ڇڏيو ته ربّ ڪريم ان جي لاءِ سلام موڪليو۔ حضوراڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  حضرت سعد رَضِىَ اللهُ عَنْه جي تِير هلائڻ جي حوصله افزائي فرمائي۔

پيارا اسلامي ڀائرو ! موقعي مناسبت سان حوصله افزائي ڪريو، ڇوته اها حوصله افزائي دين جي معاملي ۾ تمام وڏي خدمت جو ذريعو بڻجي سگھي ٿي۔ ٻار نماز پڙھن، روزو رکن، تلاوتِ قرآن ڪن، درودِ پاڪ پڙھن، نعت ٻڌن ۽ ٻڌائن ته انهن جي حوصله افزائي ڪئي وڃي ته جيئن هو هن نيڪ عمل کي جاري رکن۔ ڪهڙي خبر جو اوهان جي، اسان جي، اها حوصله افزائي اسان جي لاءِ صدقه جاريه ۽ آخرت جي نجات جو سبب بڻجي وڃي۔ اهڙي طرح آفيسر پنهنجي ملازم ۽ نگران پنهنجي ماتحت جي حوصله افزائي ڪري ڇوته اها حوصله افزائي انهن جي دل ۾ آفيسر جي محبت ۽ ڪم ۾ نکار پيدا ڪندي ۽ ٿي سگھي ٿو ته اها ئي حوصله افزائي آفيسر ۽ نگران جي مال ۾ ڪثرت جو سبب بڻجي وڃي ۽ ادارو ترقي جون منزلون طئي ڪندو وڃي۔ اسان جي بزرگن ۾ ڪافي اهڙا بزرگ گذريا آهن جن جي وڏن وڏن ڪارنامن جو سبب ڪنهن نه ڪنهن جي حوصله افزائي بڻي۔ حضرت امام ابو يوسف رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه کي حضرت امام اعظم رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي حوصله افزائي قاضِي القُضَاة (Chief Justice) جي عهدي تي فائز ڪيو ۽ اچڻ واري وقت جو فقه حنفي جو امام بڻائي ڇڏيو۔

امام احمد بن حنبل رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه کي اَبُو الهيشَم جي حوصله افزائي، ظلم ۽ ڏاڍ اڳيان مضبوط ديوار ۽ استقامت جو پهاڙ بڻائي ڇڏيو۔ چيو ويندو آهي ته پنهنجي جسم تي پاڻ ايترا دُرا کاڌائون جيڪڏهن هاٿي کي به ايترا دُرا لڳن ها