Aala Hazrat K Aaala Akhlaq

Book Name:Aala Hazrat K Aaala Akhlaq

دروازي جي پردي مان اُن صاحبزادي جي والده عرض ڪيو: حضور ! منهنجي مڙس جو انتقال ٿي ويو آهي، هو ڪنهن زماني ۾ نغارو وڄائيندو هو، ان کان پوءِ توبه ڪئي هئائين، هاڻي صرف هي ڇوڪرو آهي، جيڪو مزدورن سان گڏ مزدوري ڪندو آهي۔ حضور (خوشي مان) اَلْحَمْدُلِلّٰه چيو ۽ دعاءِ خير و برڪت فرمائي، حاجي ڪفايت الله صاحب سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جا هٿ ڌورايا ۽ پاڻ هٿ ڌوئي ماني ۾ گڏ شريڪ ٿي ويا، پر حاجي ڪفايت الله صاحب جي دل ئي دل ۾ اهو خيال آيو پئي ته اعليٰ حضرت جو کائڻ ۾ گھڻو احتياط آهي ۽ کاڌي ۾ سوجيءَ جو بسڪيٽ کائيندا آهن ۽ هتي هي ماني ۽ اها به ٻاجھريءَ جي ۽ ان تي ماش جي دال ڪيئن کائيندا، پر قربان هن پياري اخلاق ۽ دِلداري تي جو ميزبان جي خُوشي جي لاءِ خوب پيٽ ڀري کاڌائون، حاجي ڪفايت الله صاحب فرمائن ٿا، مان جيستائين کائيندو رهيس، حضرت به برابر کائيندا رهيا۔ اتان واپسي تي پوليس چوڪي جي ويجھو حاجي ڪفايت الله صاحب جي شڪ کي دُور ڪرڻ جي لاءِ ارشاد فرمايائون: جيڪڏهن اهڙي خُلوص ڀري دعوت روز ملي ته مان روز قبول ڪيان۔[1]

ہر ہر لمحہ یادِ خدایا ، دین کی خدمت اعلیٰ حضرت

جو بھی قدم تھا جو بھی عمل تھا ، وہ تھا عبادت اعلیٰ حضرت

سچ کہتا ہوں مجھ جیسے سے ،ناممکن ہے ناممکن ہے

حیراں ہوں میں کیسے بیاں ہو، آپ کی عظمت اعلیٰ حضرت[2]

صَلُّوا عَلَی الْحَبِیب!    صَلَّی اللهُ علٰی مُحَمَّد

  پيارا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته اعليٰحضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه ان غريب ٻار جي دِلجوئي جي لاءِ دعوت قبول فرمائي پنهنجي چاهڻ وارن کي حُسنِ اَخلاق جو ڪيترو پيارو درس ڏنو۔ سرڪارِ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جو جيتري قدر بلند علمي مقام


 

 



[1]... حیات ِ اعلیٰ حضرت،۱/۱۲۱

[2]... جہانِ امام احمدرضا،ج۲۰،ص۵۶۷،شبیربرادرز لاہور