Aala Hazrat K Aaala Akhlaq

Book Name:Aala Hazrat K Aaala Akhlaq

خليفهءِ اعليٰ حضرت، حضرت مولانا سيد ايوب علي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هڪ ننڍڙي صاحبزادي بنا ڪنهن هٻڪ جي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي خدمت ۾ حاضر ٿي عرض ڪيو: منهنجي والده اوهان جي دعوت ڪئي آهي، سڀاڻي صبح جو گهرايو آهي۔ اعليٰ حضرت (رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه) ان کان پڇيو: مون کي دعوت ۾ ڇا کارائيندؤ؟ ان تي اُن صاحبزادي پنهنجي ڪُرتي جو دامن جيڪو ٻنهي هٿن سان پڪڙيل هو ان کي ڦهلايو، جنهن ۾ ماش جي دال ۽ ٻه چار مرچ موجود هئا، چوڻ لڳو ! هي دال وٺي آيو آهيان۔ پاڻ ان جي مٿي تي شفقت وچان هٿ ڦيريندي فرمايائون: چڱو ! مان ۽ هي (يعني حاجي ڪفايت الله رضوي صاحب) سڀاڻي ڏينهن جو ڏھ بجي(10:00) اينداسين، پوءِ حاجي ڪفايت الله صاحب کي فرمايائون: گھر جو پتو معلوم ڪري وٺو۔ مطلب ته صاحبزادو گھر جو پتو ٻڌائي خوش خوش هليو ويو۔ ٻي ڏينهن مقرر وقت تي اعليٰ حضرت(رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه) حاجي صاحب کي فرمايو: هلو، انهن عرض ڪيو ڪيڏانهن؟ فرمايائون انهي صاحبزادي وٽ دعوت جو واعدو (Promise) جيڪو ڪيو هو، اوهان گھر جو پتو معلوم ڪيو يا نه؟ عرض ڪيائين: جي حضور، جنهن وقت گھر وٽ پهتا ته اهو صاحبزادو دروازي تي انتظار ۾ بيٺل هو، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه کي ڏسندي ئي هي چوندي وٺي ڀڳو ! مولوي صاحب اچي ويو، دروازي جي ويجھو ئي هڪ ڇپر هو، اتي بيهي انتظار ڪيائون، ڪجھ دير کان پوءِ هڪ پراڻي فراسي (سندن ويهڻ جي لاءِ) آئي ۽ ٿانءَ ۾ ٿلهيون ٻاجھريءَ جون مانيون ۽ مٽي جي پليٽ ۾ اها ئي ماش جي دال جنهن ۾ مرچ جا ٽڪرا پيل هئا کڻي سامهون رکي چوڻ لڳو: کائو !

سَيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمايو: تمام سٺو، کاوان ٿو ! هٿ ڌوئڻ جي لاءِ پاڻي کڻي اچ۔ هوڏانهن هو صاحبزادو پاڻي آڻڻ جي لاءِ ويو ۽ هيڏانهن حاجي صاحب چيو ته حضور هي گھر نغارو يعني ڍول وڄائڻ واري جو آهي۔ حضور هي ٻڌي (تقويٰ جي ڪري) غمگين ٿيا، ايتري ۾ هو صاحبزادو پاڻي کڻي حاضر ٿيو، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه معلوم ڪيو ته اوهان جا والد ڪٿي آهن ۽ ڇا ڪندا آهن؟