Malakul Maut ke Waqiaat

Book Name:Malakul Maut ke Waqiaat

منهنجا گناھ وڌي ويا، منهنجو اعمال نامو گناهن کان سياھ ٿي ويو، افسوس! هاڻي رخصت جو وقت اچي ويو آهي، مون کي ڪجھ مهلت ڏيو! ته جيئن مان الله پاڪ جي حضور ڪجھ ڳوڙها ڳاڙيان، ٿورو وقت ڏيو ته مان گناهن کان توبه ڪيان. مان چوندو آهيان: ناممڪن...!! هيءَ ته اوهان جي بلڪل ناممڪن ڳالھ آهي. پوء مان ان جو روح قبض ڪري وٺندو آهيان.[1]

دِلا غافِل نہ ہو یکدم یہ دُنیا چھوڑ جانا ہے                         بغیچے چھوڑ کر خالی زمیں اندر سمانا ہے

تُو اپنی موت کو مت بُھول کر سامان چلنے کا                    زمیں کی خاک پر سونا ہے اینٹوں کا سرہانا ہے

نہ بیلی ہو سکے بھائی، نہ بیٹا، باپ تَے مائی                     تُو کیوں پِھرتا ہے سودائی عمل نے کام آنا ہے

عزیزا! یاد کر جس دِن کہ عزرائیل آئیں گے                   نہ جاوے کوئی تیرے سنگ اکیلا تُو نے جانا ہے

غُلامؔ اک دَم نہ کر غفلت، حیاتی پر نہ ہو غَرَّہ                    خُدا کی یاد کر ہر دَم کہ جس نے کام آنا ہے

 صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                                                      صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

ڪير موت کي گهڻو ياد رکي ٿو...؟

اي عاشقانِ رسول! هن عبرتناڪ روايت مان معلوم ٿيو: اسان مان هرهڪ جي موت جو وقت مقرر آهي، حضرت ملڪ الموت عَلَيهِ السَّلَام هر وقت اسان جي طرف توجھ لڳائي ويٺا آهن، جڏهن جنهن جو وقت اچي وڃي، پوءِ هڪ لمحو به مهلت ناهن ڏيندا، يڪدم ان جو روح قبض ڪري وٺندا آهن.. افسوس! افسوس! اسان هن حقيقت کي ڄاڻيون ٿا، مڃون به ٿا پر ڄاڻي واڻي انجان بڻجون ٿا، غفلت ۾ پيل رهندا آهيون، ياد رکو! اسان موت کي ياد ڪيون يا نه ڪيون، اسان نيڪ اعمال ڪري تياري ڪيون يا نه ڪيون، موت بهرحال ايندي ۽ اچي ئي رهندي، حضرت ملڪ الموت عَلَيهِ السَّلَام نه پهريان ڪنهن کي موت ڏني، نه اسان کي ڏيندا. لهٰذا عقلمند اهو آهي جيڪو زندگي ئي ۾ موت کي ياد رکي ۽ ان جي لاءِ


 

 



[1] سُلْوَۃُ الْعَارِفِین،باب ذکر ملک الموت،جلد:2 ،صفحہ:212 - 215 ملتقطًا