Book Name:Malakul Maut ke Waqiaat
بيان دوران سُستي کان بچندس * پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد
حضرت احنف بن قيس رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمائن ٿا: هڪ ڀيري مان مسلمانن جي ٻئين خليفي حضرت عمر فاروق اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه سان ملاقات جي لاءِ مدينه منوره حاضر ٿيس، مون اتي ڏٺو ته اُتي ماڻهو حلقو بڻائي ويٺا آهن ۽ حضرت ڪعب الاحبار رَضِىَ اللهُ عَنۡه درس ڏئي رهيا آهن. ان وقت حضرت ڪعب الاحبار رَضِىَ اللهُ عَنۡه هي واقعو ٻڌايو، فرمائڻ لڳا: جڏهن حضرت آدم عَلَيهِ السَّلَام جو آخري وقت آيو ته ملڪ الموت عَلَيهِ السَّلَام سندن وٽ حاضر ٿيو، ان وقت حضرت آدم عَلَيهِ السَّلَام الله پاڪ جي بارگاھ ۾ عرض ڪيو: اي الله ڪريم! شيطان منهنجو دشمن آهي، تو ان کي قيامت تائين جي لاءِ مهلت عطا فرمائي آهي، جڏهن اهو مون تي موت طاري ٿيندي ڏسندو ته کلندو. الله پاڪ فرمايو: اي آدم! اوهان جنت ۾ تشريف کڻي ويندؤ جڏهن ته اوهان جي دشمن شيطان کي هڪ مقرر وقت تائين هن دنيا ۾ رهڻو پوندو، جڏهن ان جي مهلت ختم ٿيندي ته هُو اڳين پوين جي تڪليف جي برابر موت جي تڪليف برداشت ڪندو.
هاڻي حضرت آدم عَلَيهِ السَّلَام ملڪ الموت عَلَيهِ السَّلَام کان پڇيو: مون کي ٻڌايو! شيطان تي موت ڪيئن طاري ٿيندي؟ جڏهن حضرت ملڪ الموت عَلَيهِ السَّلَام کيس شيطان مردود جي موت جي باري ۾ ٻڌايو ته پاڻ چيائون: يعني اي الله ڪريم! مون کي هي ڪافي آهي مان هن تي راضي آهيان.
(حضرت ڪعب الاحبار رَضِىَ اللهُ عَنۡه ايترو بيان ڪري خاموش ٿي ويا جڏهن ته) ماڻهن تي دهشت طاري هئي، ڪنهن پڇيو: اي ڪعب الاحبار رَضِىَ اللهُ عَنۡه الله پاڪ اوهان