Malakul Maut ke Waqiaat

Book Name:Malakul Maut ke Waqiaat

پاڪ ۽ ان جي پياري حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ و واسطو ڏئي ڪري عرض  ڪريان ٿو ته اوهان منهنجو ساھ ڪڍڻ وقت مون تي نرمي ڪجو. فرمايائون: رسولِ اڪرم، نورِ مجسّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي ڪثرت سان دُرودِ پاڪ پڙهندو ڪر.[1]

 اي عاشقانِ رسول! هن واقعي مان خبر پئي ته دُرودِ پاڪ پڙهڻ جون جتي ٻيون بيشمار فضيلتون ۽ برڪتون آهن، اتي الله پاڪ جي رحمت مان اميد آهي ته ڪثرت سان دُرودِ پاڪ پڙهڻ واري جو روح نڪرڻ وقت به آساني ٿيندي. جيڪڏهن دُرودِ پاڪ پڙهڻ جي برڪت سان موت جي وقت روح جو جسم کان جُدا ٿيڻ ۾ نرمي ۽ آساني نصيب ٿي وڃي ته يقين ڪيو هي نهايت سَستو سودو آهي، ان کان ڪڏهن به غفلت نه ڪرڻ گهرجي.

جان نکلے تو اس طرح نکلے

دل میں جلوے بسے ہوئے تیرے      تجھ پر اے غمزدوں کے یار درود

لب سے جاری ہو بار بار درود ([2])

 صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                                                      صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

بيان ٻڌڻ جون نيّتون

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَلنِّیَّۃُ الْحَسَنَۃُ تُدْخِلُ صَاحِبَہَا الْجَنّۃَ سچي نيت ٻانهي کي جنت ۾ داخل ڪري ڇڏيندي آهي۔ [3]

پيارا اسلامي ڀائرو! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي. اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مثال طور نيت ڪريو! * رضاءِ الٰهي جي لاءِ مڪمل بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس *


 

 



[1] سعادۃ الدارین،الباب الرابع ،اللطیفۃ السادسۃ، صفحہ:124 -125 ملتقطًا و  ملخصاً۔

[2]...ذوقِ نعت، صفحہ:125 ۔

[3] مسند فِرْدَوس، جلد:4، صفحہ:305، حدیث:6895۔