Book Name:Malakul Maut ke Waqiaat
هڪ ڀيري حضرت يعقوب عَلَيهِ السَّلَام حضرت ملڪ الموت عَلَيهِ السَّلَام کان پڇيو: ڇا هر جاندار جو روح اوهان ئي قبض ڪندا آهيو؟ عرض ڪيو: جي ها. فرمايائون: اوهان ته هن وقت مون وٽ آهيو جڏهن ته ماڻهو سڄي دنيا ۾ پکڙيل آهن؟ عرض ڪيائين: الله پاڪ دنيا منهنجي اختيار ۾ ڏئي ڇڏي آهي، هي منهنجي لاءِ ايئن ئي آهي جيئن اوهان جي سامهون هڪ ٿالهي رکي وڃي ته اوهان ان مان جيڪو چاهيندا آهيو کڻندا آهيو، ايئن ئي مان دنيا جهان مان جهڙي طرح روح ڪڍڻ چاهيان ڪڍي وٺندو آهيان.[1]
الله الله! پيارا اسلامي ڀائرو! خبر پئي: حضرت ملڪ الموت عَلَيهِ السَّلَام حاضر ۽ ناظر آهن يعني جتي به رهن، سڄي دنيا کي هر وقت پنهنجي سامهون ڏسندا آهن. ان مان اندازو لڳايو ته جڏهن هڪ ملائڪ جو هيءُ حال آهي ته ملائڪن جي به آقا، محبوبِ خدا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي شان ۽ عظمت جو عالم ڇا هوندو.
پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ملڪ الموت سان ملاقات
حجة الاسلام امام محمد بن محمد غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه لکن ٿا: پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ معراج جي رات جڏهن آسمان جي سير فرمائي رهيا هئا، ان دوران ڇوٿين آسمان تي پاڻ هڪ ملائڪ کي ويٺل ڏٺائون، هڪ وڏي تختي ان جي سامهون رکيل هئي، ويجهو ئي هڪ وڏو وڻ هيو، جنهن جون ٽاريون اوڀر کان اولھ تائين پکڙيل هيون، اهو ملائڪ ان وڻ جي طرف غور سان ڏسي رهيو هيو. پياري آقا مڪي مدني مصطفي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جبريل امين عَلَيهِ السَّلَام کي فرمايو: هي ملائڪ ڪير آهي؟ عرض ڪيائين: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! هي لذتن کي مٽائڻ وارو، دوستن کي جدا ڪرڻ وارو، عورتن کي بيواھ ڪرڻ وارو ۽ ٻارن کي يتيم بڻائڻ وارو، بلند محلن کي ويران ۽ قبرستان کي آباد ڪرڻ وارو يعني