Malakul Maut ke Waqiaat

Book Name:Malakul Maut ke Waqiaat

نرمي سان روح ايئن نڪري وڃي جو خبر به نه پئي.

سڪرات ۾ آساني ڪيئن ملي....؟

 پيارا اسلامي ڀائرو! هي گنهگارن جو حال آهي، باقي جيڪي نيڪ ماڻهو آهن، ڪامل ايمان وارا آهن، گناهن کان بچڻ ۽ نيڪين ۾ زندگي گذارڻ وارا آهن، حضرت ملڪ الموت عَلَيهِ السَّلَام انهن سان نهايت نرمي سان پيش ايندا آهن. جيئن ته معجم ڪبير جي روايت آهي، هڪ ڀيرو پيارا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هڪ انصاري صحابي وٽ تشريف کڻي آيا ته ان وٽ حضرت ملڪ الموت عَلَيهِ السَّلَام بيٺل ڏسي فرمايائون: اي ملڪ الموت! منهنجي صحابي سان نرمي ۽ شفقت سان پيش اچجو ڇوته اهو مومن آهي. ملڪ الموت عرض ڪيو: يارسولصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! اوهان خوش رهو ۽ اوهان جون اکيون ٿڌيو ٿين، مان اوهان تي ايمان آڻڻ واري هرشخص سان نرمي ۽ شفقت سان پيش ايندس.[1]

 سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! خبر پئي ته جيڪي ڪلمو پڙهن ٿا، ٻنهي جهانن جي محبوب، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي غلامي جي دعويٰ ڪن ٿا، اهي خوش نصيب جيڪي ڪامل اِيمان وارا آهن يعني دل ۾ ايمان به رکن ٿا ۽ ايمان جي تقاضائن تي به عمل ڪن ٿا مثلاً گناهن کان به بچن ٿا، نمازون به پڙهن ٿا، ٻيا نيڪ ڪم به ڪن ٿا، سڪرات جي وقت اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! انهن تي آساني ڪئي ويندي.

نمازين جي فضيلت

 روايت ۾ آهي: ملڪ الموت پنج ئي نمازن جي وقت ماڻهن کي غور سان ڏسندا آهن، پوءِ جڏهن روح ڪڍڻ ايندا آهن ته جيڪڏهن انسان 5 وقت جو پڪو نمازي هجي ته ان جي ويجهو ٿي ويندو آهي. شيطان ان کان پري ٿي ويندو آهي


 

 



[1] معجمِ کبیر ،جلد:3 ،صفحہ:102 ،حدیث:4075۔