Book Name:Malakul Maut ke Waqiaat
آهن، جڏهن ڪنهن گمراھ، بدمذهب جو روح قبض قبض ڪرڻو هجي ته انتهائي سياھ چهري ۾ تشريف آڻيندا آهن، جڏهن گنهگار جو روح قبض ڪرڻو هوندو آهي ته نهايت سخت ۽ ناپسنديده شڪل ۽ صورت ۾ ايندا آهن ۽ جڏهن توبه ڪرڻ وارن(نيڪ ماڻهن) جا روح قبض ڪرڻا هوندا آهن ته نوراني چهري سان تشريف کڻي ايندا آهن.[1]
پيارا اسلامي ڀائرو! تصور ته ڪريو! اهي ڪيترا مشڪل لمحا هوندا، جڏهن مَلَڪ الموت عَلَيه السَّلام ايندو، اسان جا ماءُ پيءُ، رشتيدار، دوست اَحباب ڏسندا ئي رهجي ويندا، نه ڪنهن پهلوان جي پهلواني ڪم ايندي، نه ڪنهن مالدار جو مال ئي ان کي ڇڏائي سگھندو، ڊاڪٽرن جا هٿ ٻڌيل رهجي ويندا، سائنسي آلات، وڏيون وڏيون مشينون سڀ جواب ڏئي ڇڏينديون، هڪ جھٽڪي سان رُوح جسم مان ڇڪيو ويندو، ان سان گڏ ئي هڪ آخري هڏڪي ايندي، ساھ اٽڪي اوچتو بَند ٿي ويندو ۽ بَس...! بينڪ بيلنس، گاڏي بنگلو، ڪاروبار، مال ودولت، سامانِ عيش وعشرت سڀئي بيڪار رهجي ويندو ۽ اسان هميشه هميشه جي لاءِ هن فاني دُنيا کي ڇڏي موڪلائي چڪا هونداسين، وري ڪڏهن موٽي هتي نه اينداسين۔
ڪاش! ڪاش! ڪاش! ڳالھ ايستائين رهي هان ته خير هو پر مُعَاملو ايترو به آسان ناهي، رُوح نڪرڻ جون تڪليفون به آهن... الامان والحفيظ!
حضرت امام حسن بصري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: غيبن تي خبردار، سرڪارِ ذي وقار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن موت جي تڪليفن ۽ ان جي نڙي ۾ اٽڪڻ جو ذِڪر ڪندي فرمايو: اها تڪليف تلوار جي 300 وار جي برابر آهي۔[2] هڪ حديثِ پاڪ ۾ آهي: آسان ترين موت ڪپھ ۾ ڦاٿل ڪنڊيدار ٽاري جيان آهي، جڏهن اهڙي ٽاري کي