Book Name:Malakul Maut ke Waqiaat
علامه قرطبي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه لکن ٿا: حضرت عزائيل عَلَيهِ السَّلَام ايترا ته وڏا آهن جو سندن مٿو آسمان ۾ ۽ پير زمين تي آهن. سندن ڪيئي مددگار ملائڪ به آهن، جن جي تعداد الله پاڪ ئي بهتر ڄاڻي ٿو. روايتن ۾ آهي: ٻين ملائڪن تي سندن رعب ويٺل آهي، ايستائين جو عرش اعظم کڻڻ وارا ملائڪ به جڏهن انهن کي ڏسندا آهن ته گهڻو خوف زده ٿي ويندا آهن.[1] حضرت ملڪ الموت عَلَيهِ السَّلَام جي عمر تمام وڏي آهي، حضرت محمد بن ڪعب قُرۡظي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: سڀني کان آخر ۾(يعني جڏهن زمين ۽ آسمان واري سڄي مخلوق ايستائين جو حضرت جبرائيل ۽ ميڪائيل ۽ عرش کڻڻ وارا ملائڪ به موت جو ذائقو چکي وٺندا، ان وقت) حضرت ملڪ الموت عَلَيهِ السَّلَام کي موت اچي ويندو، الله پاڪ ان کي فرمائيندو:یَامَلَکَ الْمَوْتِ مُتْ! اي موت جا ملائڪ! تون به مري وڃ. هي ٻڌي ڪري حضرت ملڪ الموت عَلَيهِ السَّلَام هڪ زوردار رڙ ڪندو ۽ وفات ڪري ويندو.[2]
ملڪ الموت عَلَيهِ السَّلَام جي سگھ
پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ حضرت ملڪ الموت عَلَيهِ السَّلَام بي پناھ طاقتن کان نوازو آهي. روايتن ۾ آهي: هڪ ڀيرو الله پاڪ جي نبي حضرت ابراهيم عَلَيهِ السَّلَام حضرت ملڪ الموت عَلَيهِ السَّلَام کان پڇيو: اي ملڪ الموت جڏهن زمين ۾ وباءَ پکڙجي هجي، ماڻهو مري رهيا هجن، انهيءَ حالت ۾ هڪ ماڻهو اولھ ۾ آهي، هڪ اوڀر ۾ آهي، ان وقت اوهان ڇا ڪندا آهيو، (يعني انهن ٻنهي جي روح هڪ ئي هنڌ ڪيئن قبض ڪندا آهيو” حضرت ملڪ الموت عَلَيهِ السَّلَام عرض ڪيو: مان الله پاڪ جي حڪم سان روحن کي سڏيندو آهيان ته اهي منهنجي ٻن اڱرين جي وچ ۾ اچي ويندا آهن.“ [3]