Book Name:Malakul Maut ke Waqiaat
روايت جي مطابق 7 ڀيرا تشريف کڻي ايندا آهن ۽ ڏسندا آهن ته هتي ڪو اهڙو ته ناهي جنهن جو روح قبض ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو ويو آهي.[1] حضرت ثابت بناني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: ڏينهن رات جي 24 ڪلاڪن مان ڪو اهڙو ڪلاڪ ناهي جنهن ۾ هر جاندار جي مٿي تي ملڪ الموت عَلَيهِ السَّلَام بيٺل نه هجي، جيڪڏهن حڪم هجي ته ان جو روح قبض ڪري وٺندا آهن، نه ته واپس موٽي ويندا آهن.[2]
الله الله! پيارا اسلامي ڀائرو! ڪيتري عبرت جي ڳالھ آهي، اسان غفلت ۾ پيل آهيون، فضوليات ۾ پيل آهيون، گناهن ۾ مشغول رهندا آهيون، ٻي طرف لذّتن کي مٽائڻ وارو حضرت ملڪ الموت عَلَيهِ السَّلَام هر وقت اسان جي تاڙ ۾ آهي يعني اسان موت کان غافل، هن دنيا جي عارضي ۽ فاني زندگي تي مطمئن آهيون جڏهن ته موت هر وقت اسان جي مٿان بيٺو آهي.
کتنی بےاعتبار ہے دُنیا موت کا انتظار ہے دُنیا
گرچہ ظاہِر میں صُورتِ گل پر حقیقت میں خار ہے دُنیا
ایک جھونکے میں ادھر سے ہے اُدھر چار دِن کی بہار ہے دُنیا
زندگی نام رکھ دیا کس نے موت کا انتظار ہے دنیا
صحابي رسول حضرت انس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ عَنۡه کان روايت آهي، سرڪار مدينه، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: ملڪ الموت عَلَيهِ السَّلَام ٻانهن جي چهرن کي روزانو 70 ڀيرا ڏسندو آهي، جڏهن ڪو اهڙو ٻانهو کلي رهيو هجي جنهن جو روح قبض ڪرڻ جي لاءِ کيس موڪليو