Malakul Maut ke Waqiaat

Book Name:Malakul Maut ke Waqiaat

هيو، انهيءَ نور جي برڪت هئي جو حضرت آدم عَلَيهِ السَّلَام کي تمام ملائڪن سجدو ڪيو، ملائڪن جي هن پاڪ جماعت ۾ شيطان به هيو، ان کي پنهنجي عبادت تي غرور هيو، جڏهن حضرت آدم عَلَيهِ السَّلَام کي سجدي جو حڪم ٿيو ته سڀني ملائڪن سجدو ڪيو، شيطان نه ڪيو، ان بدبخت تڪبر ڪيو، چيائين: مان باھ مان پيدا ٿيو آهيان، آدم مٽي مان بڻايو ويو آهي. هي بدبخت شيطان عقل کان انڌو هيو، ان کي هي ته نظر آيو ته حضرت آدم عَلَيهِ السَّلَام جو جسم مٽي مان بڻايو ويو آهي پر هي ڏسڻ نه آيس ته سندس پيشاني ۾ مصطفيٰ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جو نور چمڪي رهيو آهي.

الله پاڪ اسان کي غرور ۽ تڪبر کان محفوظ فرمائي، هميشه نيڪ ماڻهن جو، نبين، ولين جو باادب رکي.

اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

حضرت ملڪ الموت عَلَيهِ السَّلَام جو تعارف

پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت ملڪ الموت عَلَيهِ السَّلَام الله پاڪ جو قرب رکڻ وارو بلند رتبه ملائڪ آهي، سندن نالو: عزرائيل (يعني الله جو فرمانبردار). پاڻ روح قبض ڪرڻ تي مُقرر آهن ۽ ان ۾ ذري برابر به ڪوتاهي ناهن ڪندا، جڏهن جنهن جو آخري وقت اچي ويندو آهي، هڪ گهڙي جي به مهلت ناهن ڏيندا ۽ روح قبض ڪري وٺندا آهن. الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

قُلۡ یَتَوَفّٰىکُمۡ مَّلَکُ الۡمَوۡتِ الَّذِیۡ وُکِّلَ بِکُمۡ  ثُمَّ   اِلٰی رَبِّکُمۡ تُرۡجَعُوۡنَ (۱۱(پارہ:21،سورۂ سجدہ:11)

ترجموڪنزالعرفان: توهان فرمايو: توهان کي موت جو فرشتو وفات ڏيندو آهي جيڪو توهان تي مقرر آهي پوءِ توهان پنهنجي ربّ جي طرف واپس موٽايا ويندؤ.