Book Name:Malakul Maut ke Waqiaat
معلوم ڪري سگھجن ٿا * هن کان علاوه پنج نمازن جي وقتن بابت ماهوار ٽائم ٽيبل * اذڪار (روحاني علاج) * مدني چينل ريڊيو * نماز جي اوقات ۾ موبائل کي سائلنٽ (Silent) ڪرڻ جي سهولت ۽ اسلامي ڪيلنڊر موجود آهي۔ پنهنجي موبائل ۾ هي ايپليڪيشن انسٽال ڪريو ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو۔
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب زندگي بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان آهي: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِي فَقَدْ اَحَبَّنِي وَ مَنْ اَحَبَّنِي كَانَ مَعِيَ فِي الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو.[1]
2 فرامينِ مصطفيٰ صَلّي الله عَلَيه وآلِه وسَلَّم: (1): جڏهن ٻانهو گھٽ کائيندو آهي، ان جو باطن نور سان ڀرجي ويندو آهي.[2] (2): جيڪو دُنيا ۾ گھٽ کائي، گھٽ پئي، الله پاڪ ملائڪن اڳيان ان تي فخر فرمائيندو آهي.[3]
اي عاشقانِ رسول! گھٽ کائڻ سُنَّت آهي۔ * اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم بک کان گھٽ کائيندا هئا، * پاڻ سڳورا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جيستائين دُنيا ۾ تشريف فرما رهيا، ڪڏهن لاڳيتو ٻه راتيون پيٽ