Book Name:Malakul Maut ke Waqiaat
ڊڄو...!! واپس وَرڻ واري ڏينهن کان
سيپارو: 3، سورة بقرة، آيت: 281 ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو:
وَ اتَّقُوۡا یَوۡمًا تُرۡجَعُوۡنَ فِیۡہِ اِلَی اللّٰہِ (پارہ:3 ،سورۂ بقرہ:281)
ترجموڪنزالعرفان: ۽ ان ڏينهن کان ڊڄو جنهن ۾ توهان الله پاڪ جي طرف موٽايا ويندؤ.
هڪ قول جي مطابق هن آيتِ ڪريمه جي معنٰي آهي: اي ايمان وارؤ! ڊڄو ان ڏينهن کان جڏهن توهان هن دنيا کي ڇڏي ڪري آخرت جي طرف روانا ٿي ويندؤ.[1]
هاءِ! اهو ڏينهن جڏهن مَلَڪُ الموت عَلَيهِ السَّلَام تشريف وٺي ايندا، جسم مان روح ڇڪيو ويندو، مسجدن ۾ اعلان ڪيو ويندو: فلاڻو بن فلاڻو رضاءِ الهي سان انتقال ڪري ويو. هاءِ! پوءِ جلدئي غسّال (غسل ڏيڻ واري) کي گهرايو ويندو، غسل ڏئي ڪري ڪفن پارايو ويندو، پوءِ...!! ڏسندي ئي ڏسندي اسان کي اونداهي قبر ۾لاٿو ويندو. اي ايمان وارؤ! ڊڄو...! ان ڏينهن کان ڊڄو...!
ہے یہاں سے تجھ کو جانا ایک دن قبر میں ہو گا ٹھکانا ایک دن
منہ خدا کو ہے دِکھانا ایک دن اب نہ غفلت میں گنوانا ایک دن
ایک دن مرنا ہے آخر موت ہے کر لے جو کرنا ہے آخر موت ہے
حضرت ملڪ الموت عَلَيهِ السَّلَام سڀني ڏسندا آهن
پيارا اسلامي ڀائرو! روح قبض ڪرڻ حضرت ملڪ الموت عَلَيهِ السَّلَام جي ذمي آهي، پاڻ پنهنجي ذميداري ۾ ٿوري به ڪوتاهي ناهن ڪندا. امام جلال الدين سيوطي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه لکن ٿا: حضرت ملڪ الموت عَلَيهِ السَّلَام روزانو هر گهر ۾ 5 ڀيرا ۽ هڪ