Book Name:Malakul Maut ke Waqiaat
صحابي رسول حضرت معاذ بن جبلرَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمائن ٿا: حضرت ملڪ الموت عَلَيهِ السَّلَام وٽ هڪ نيزو آهي، جيڪو اوڀر ۽ اولھ جي درميان هر هنڌ پهچندو آهي، جڏهن ڪنهن جي زندگي ختم ٿي ويندي آهي ته پاڻ اهو نيزو ان جي مٿي ٿي هڻي فرمائيندا آهن: هاڻي توسان مُردن جي لشڪر ۾ اضافو ٿيندو.[1]
وہ ہے عیش و عشرت کا کوئی محل بھی جہاں تاک میں ہر گھڑی ہو اَجَل بھی
بس اب اپنے اِس جہل سے تُو نکل بھی یہ جینے کا انداز اپنا بدل بھی
جگہ جی لگانے کی دنیا نہیں ہے یہ عبرت کی جا ہے تماشا نہیں ہے
ملڪ الموت عَلَيهِ السَّلَام جون مختلف شڪلون
پيارا اسلامي ڀائرو! جيئن حضرت ملڪ الموت عَلَيهِ السَّلَام پنهنجي ذميواري کان ٿورڙي به ڪوتاهي ناهن ڪندا، جيڪو کين حڪم ٿيندو آهي اهو ئي ڪندا آهن. ڪاش! اسان کي به اهڙي طرح موت جي ياد، موت جي تياري ڪرڻ نصيب فرمائي، يقين ڪيو! جان ڏيڻ، موت کي ڳلي لڳائڻ آسان ناهي، گهڻو مشڪل آهي، افسوس! اسان سڀني کي هن مشڪل کان گذرڻو ئي پوندو، ڪنهن صورت ۾ هن کان ڇوٽڪارو نه ٿو ملي سگهندو. صحابي رسول حضرت عبدالله بن عباس رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمائن ٿا: جڏهن الله پاڪ حضرت ابراهيم عَلَيهِ السَّلَام کي پنهنجو خليل بڻايو ته حضرت ملڪ الموت عَلَيهِ السَّلَام کين انهي ڳالھ جي خوشخبري ڏيڻ حاضر ٿيا، حضرت ابراهيم عَلَيهِ السَّلَام حضرت ملڪ الموت عَلَيهِ السَّلَام کي فرمايو: اي ملڪ الموت عَلَيهِ السَّلَام مون کي ڏيکاريو ته توهان ڪافرن جي روحن کي ڪيئن قبض ڪندا آهيو؟ حضرت ملڪ الموت عَلَيهِ السَّلَام عرض ڪيو: اوهان پنهنجو رخ ڦيريو! جڏهن (ڪجھ دير کان بعد) حضرت ابراهيم عَلَيهِ السَّلَام چهري ڦيري ملڪ الموت عَلَيهِ السَّلَام جي طرف