Book Name:Malakul Maut ke Waqiaat
ڪلمي شريف جو ورد ڪرڻ لڳو
ضلعو اوڪاڙه (پنجاب) جي شهر دِيپالپور جي اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي ته منهنجا چاچا محمد رفيق عطاري دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ۽ اميرِ اَهلسنّت دَامَتْ بَـرَکَاتُهُمُ الْعَالِيَه جا مريد ها۔ ماڻهن کي نمازِ فجر جي لاءِ جاڳائڻ جو روزانو معمول هو ۽ ان جي لاءِ صبح جلدي بيدار ٿي پري پري تائين ماڻهن کي نمازِ فجر جي لاءِ بيدار ڪندا ها۔ ان عادت جي ڪري هو ”ديپالپور“ ۾ مشهور ها۔ هڪ ڀيري فيصل آباد کان گھر موٽي رهيا ها۔ عشاء جي نماز جو وقت ٿيڻ تي گاڏي روڪي نمازِ عشاء ادا ڪئي، پوءِ اڳتي روانو ٿيا، گاڏي تيز رفتاري سان وڃي رهي هئي ته اوچتو چاچي محمد رفيق عطاري بلند آواز سان ڪلمو پاڪ پڙھيو ۽ فرمايو سڀ ڪلمو پڙھو۔ سڀني ڪلِمي شريف جو ورد شروع ڪيو، اڃا ڪجھ ئي دير گذري هئي جو گاڏي کي اوچتو هڪ زور دار جھٽڪو لڳو ۽ کائي ۾ ڪري پئي۔ ٻيا ماڻهو معمولي زخمي ٿيا پر چاچي کي شديد زخم رسيا، شديد تڪليف جي باوُجود سندن زبان تي بلند آواز سان ڪلمو شريف جاري هو ۽ ما شَآءَ الله! قسمت ڏسو! ڪلمو پڙھندي پڙھندي ئي دُنيا مان موڪلائي ويا
فضل وکرم جس پر بھی ہوا، لب پر مرتے دَم کلمہ جاری ہوا، جنت میں گیا، لَااِلٰہَ اِلَّااللہ
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد
اوقاتِ نماز (Prayer Times) ايپ جو تعارف
پيارا اسلامي ڀائرو! دعوتِ اسلامي جي آئي، ٽي ڊپارٽمنٽ هڪ نهايت پياري موبائل ايپلي ڪيشن بنام اوقاتِ نماز (Prayer Times) جاري ڪئي آهي * هن ايپلي ڪيشن جي ذريعي سڄي دنيا ۾ ڪنهن به مقام جي اوقات ۽ سمتِ قبله