Book Name:Malakul Maut ke Waqiaat
ڏٺو ته هُو ڪاري رنگ واري انسان جي شڪل ۾ هيو، ان جو مٿو آسمان تائين پڄي رهيو هيو، سندن وات مان باھ جا شعله ڀڙڪي رهيا هيا ۽ سندن جسم جو هر وار هڪ انسان جي شڪل جي صورت ۾ هيو جنهن جي وات ۽ ڪن مان باھ جا شعلا نڪري رهيا هئا. هي خوفناڪ منظر ڏسي ڪري حضرت ابراهيم عَلَيهِ السَّلَام تي بيهوشي طاري ٿي وئي. ڪجھ دير کان بعد جڏهن هوش آيو ته حضرت ابراهيم عَلَيهِ السَّلَام فرمايو: اي ملڪ الموت عَلَيهِ السَّلَام !! جيڪڏهن ڪافر کي اوهان جي هيءَ صورت ڏسڻ کان علاوه ٻيو ڪو غم يا آزمائش نه به پهچي ته هي ئي هن جي لاءِ ڪافي آهي. هاڻي مون کي ڏيکاريو ته تون مؤمن جو روح ڪيئن ڪڍندو آهين؟ حضرت عزرائيل عَلَيهِ السَّلَام وري چهرو ٻي طرف ڪرڻ جو چيو: حضرت ابراهيم عَلَيهِ السَّلَام چهرو ڦيري ڇڏيو، ٿوري دير کان بعد چهرو ڦيري جڏهن ملڪ الموت جي طرف ڏٺو، ته اڇا ڪپڙا پاتل نهايت خوبصورت نوجوان جي شڪل و صورت ۾ آهن. حضرت ابراهيم عَلَيهِ السَّلَام فرمايو: جيڪڏهن مؤمن پنهنجي موت جي وقت اوهان جي هن صورت کان علاوه ڪا ٻي شيءِ نه به ڌسي سگهي ته هي ئي ان جي لاءِ ڪافي آهي.[1]
حجة الاسلام امام محمد بن محمد غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: حضرت ملڪ الموت عَلَيهِ السَّلَام جون 4 مختلف شڪلون آهن: (1) : هڪ اها شڪل ته ان ۾ سندن چهري مان باھ جا شعله ڀڙڪي رهيا هوندا آهن. (2) ٻي شڪل بلڪل سياھ آهي (3) ٽئين شڪل نهايت سخت ناپسنديده (4) ۽ ڇوٿين شڪل انتهائي چمڪدار ۽ نوراني.
جڏهن ڪافر جو روح قبض ڪرڻو هوندو آهي ته ملڪ الموت عَلَيهِ السَّلَام پهرين شڪل ۾ ايندا آهن، ان وقت سندن چهري مان باھ جا شعله ڀڙڪي رهيا هوندا