Book Name:Amad e Mustafa Marhaba Marhaba
اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط
اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط
اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ
اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ
نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ (ترجمو: مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)
درودِ پاڪ جي برڪت سان ديدار مصطفيٰ نصيب ٿي ويو
حضرت محمد بن سعيد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: مون درودِ پاڪ جو هڪ تعداد مقرر ڪري رکيو هو ۽ اوتري تعداد ۾ درود شريف پڙهي ڪري سمهندو هيس. الحمد لله! درودِ پاڪ جي برڪت سان هڪ ڏينهن مون تي ڪرم ٿي ويو، مان سُتل هيس ته قسمت جاڳي پئي، مون ڏٺو ته منهنجا پيارا آقا، مديني وارا مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم اسان جي گهر، منهنجي ڪمري ۾ تشريف کڻي آيا، اللهُ اڪبر! نورِ مصطفٰي جي چمڪ ڌمڪ سان پورو ڪمرو روشن ٿي ويو.
بہرِ دیدار جھک آئے ہیں زمیں پر تارے واہ اے جلوۂ دِلدار! چمکنا تیرا([1])
واھ! خوش نصيبي...!! منهنجا ڪريم آقا، منهنجا رحيم آقا، غريبن کي نوازڻ وارا، تمام نبين جا سَرور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ڪرم جي بارش وسائيندي مون غلام جي ويجهو تشريف کڻي آيا ۽ محبت ڀري انداز ۾ فرمايائون: اي منهنجا پيارا امَّتي! جنهن وات سان تون مون تي درود پڙهندو آهين، هيڏي ڪر! مان ان وات کي چُمان...!!
قربان مَیں اُن کی بخشش کے، مقصد بھی زباں پر آیا نہیں
بِن مانگے دیا اور اتنا دیا، دامن میں ہمارے سمایا نہیں