Book Name:Amad e Mustafa Marhaba Marhaba
2، 4 ڀيرا نه بلڪه هڪ محتاط اندازي جي مطابق ڪُل 27 هنڌن تي ميلاد (يعني سندن دنيا ۾ تشريف آوري) جو ذڪر موجود آهي.
حسنؔ وِلادتِ سرکار سے ہوا روشن مرے خُدا کو بھی پیاری ہے بارہویں تاریخ ([1])
سرکار کی آمد! مرحبا! سردار کی آمد! مرحبا!
رسول کی آمد! مرحبا! مختار کی آمد! مرحبا!
اچھے کی آمد! مرحبا! سچّے کی آمد! مرحبا!
سيپارو11 سوره توبهه جي آيت نمبر 128 ۾ ارشاد ٿئي ٿو:
لَقَدۡ جَآءَکُمۡ رَسُوۡلٌ مِّنۡ اَنۡفُسِکُمۡ عَزِیۡزٌ عَلَیۡہِ مَا عَنِتُّمۡ حَرِیۡصٌ عَلَیۡکُمۡ بِالۡمُؤۡمِنِیۡنَ رَءُوۡفٌ رَّحِیۡمٌ (۱۲۸)
ترجموڪنزالايمان: بيشڪ توهان وٽ تشريف وٺي آيو توهان منجهان اهو رسول جنهن کي توهان جي تڪليف ڏاڍي ڏکي لڳندي آهي توهان جي ڀلائي جو سختي سان چاهيندڙ مسلمانن تي شفقت فرمائيندڙ مهربان آهي.
مفسر قرآن، حڪيم الاُمت، مفتي احمد يارخان نعيمي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: هي آيت ڪريمه حضور اڪرم، نور مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نعت جو خزينو آهي. هن ۾ پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ميلاد جو ذڪر ٿيو آهي. هن ۾ ٿورو غور ڪيو! پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو دنيا ۾ اچڻ ته سڀئي ماڻهو ڄاڻين ٿا، پوءِ ڄاتل شيءِ کي ڇو بيان ڪيو ويو؟ انهيءَ ڪري ته جيئن ان سان پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ولادت جو ذڪر ٿي وڃي.