Book Name:Amad e Mustafa Marhaba Marhaba
پوءِ ان کي ٻيهر ياد آيو، جڏهن اهو انهيءَ هنڌ پهتو ته اهو ڏسي حيران رهجي ويو ته رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ٽي ڏينهن گذرڻ جي باوُجود اتي ئي بيٺا آهن ۽ مَاشَآءَ الله! شفقت و رَحمت ۽ حُسنِ اَخلاق ڏسو! پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ان کي ڌڙڪا ڪونه ڏنا، ڪاوڙ نه ڪئي، بَس ايترو فرمايائون: اي شَخص! تو مون کي مشقت ۾ وجھي ڇڏيو. (اَبُو داؤد، کتاب: ادب، باب: وعدہ، صفحہ:781، حدیث:4996) الله پاڪ اسان کي به سُنّتِ سرڪار تي عمل ڪندي وعدا پُورا ڪرڻ وارو بڻائي۔
اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
مختلف سنّتون سکڻ جي لاءِ مڪتبةُ المدينه جو ڪتاب بهارِ شريعت جلد:3 حصّو: 16، ۽ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو 91 صفحن جو رسالو 550 سنّتون ۽ آداب خريد ڪيو ۽ پڙهو، سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.
سنتیں سیکھنے تین دِن کے لئے ہر مہینے چلیں، قافلے میں چلو
الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي
اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
جشن ولادت جي باري ۾ مڪـتوبِ عـطار
سگ مدينه محمد الياس عطار قادري عفي عنه جي طرفان تمام عاشقانِ رسول اسلامي ڀائرن جي خدمت ۾
السلام عليکم ورﺣﻤﺔ الله وبرکاﺗـه الحمد لله رب العٰلمين عليٰ کل حال
اَلْحَمْدُ لِلّٰہ ربّ العٰلمين! خوشي مان جهومو! جلد ئي ماھِ ربيع الاول اچڻ وارو آهي، سٺين سٺين نيتن سان جشنِ ولادت جون ڌومون مچائڻ جي لاءِ