Book Name:Amad e Mustafa Marhaba Marhaba
لاءِ ڪيون ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَریْم! دين ۽ دنيا جون بيشمار برڪتون نصيب ٿينديون. الله پاڪ توفيق نصيب فرمائي. آمِين بِجَاه خَاتَمِ النَّبِيٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
نور کی پُھوہار برسی چار سُو ہے روشنی ہو گیا گھر گھر چَراغاں عیدِمیلادُالنَّبی
غنچے چٹکے، پھول مہکے ہر طرف آئی بہار ہو گئی صبحِ بہاراں عیدِمیلادُالنَّبی
ہم نہ کیوں روشن کریں گھر گھر دِیے مِیلاد کے خود کرے جب حق چَراغاں عیدِمیلادُالنَّبی([1])
سرکار کی آمد! مرحبا! سردار کی آمد! مرحبا!
رسول کی آمد! مرحبا! مختار کی آمد! مرحبا!
اچھے کی آمد! مرحبا! سچّے کی آمد! مرحبا!
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جي آقا و موليٰ، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم مخلوق ۾ سڀني کان افضل ۽ اعليٰ آهن. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! قرآن ڪريم ۾ ڪُل 7 هزار مقامن تي پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو واضح لفظن ۾ ذڪر آيو آهي،[2] قرآنِ ڪريم ۾ پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمl جي مبارڪ نالن جو به ذڪر آهي، پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي ولادت جي جڳھ جو به ذڪر آهي، پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي صفتن جو به ذڪر آهي، پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي فضائل جو به ذڪر آهي ۽ الحمدلله! قرآن ڪريم ۾