Book Name:Amad e Mustafa Marhaba Marhaba
جيڪو ڪجھ آهي ان کان بي خبر ٿي ويا، بي اختيار الله پاڪ جو ذڪر ڪرڻ لڳا، جيئن ئي نوراني چهري تان پڙدو کڄو ته ديدار ڪندي ئي سڏڪا ڀري زارو قطار روئڻ لڳا، قريب هو جو انهن جي جسم مان انهن جو روح نڪري وڃي ها. اڳتي وڌي رسولِ پاڪ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پيارن پيارن مبارڪ ننڍڙن هٿڙن کي چميو. حضرت بيبي آمنه رَضِیَ اللهُ عَنْهَا ارشاد فرمايو: هاڻي اوهان جلدي مان هليا وڃو، آخرڪار نه چاهيندي عامر يمني دل تي هٿ رکي گهر کان ٻاهر نڪتا. عامر يمني جي حالت ئي بدلجي چڪي هئي، هو ان نوراني چهري جي ديدار جو عاشق بڻجي چڪو هو، ديوانگي جي عالم ۾ رڙ ڪندي چوڻ لڳو: مون کي واپس بيبي آمنه رَضِیَ اللهُ عَنْهَا جي گهر وٺي هلو ۽ ٻيهر عرض ڪيو ته مون کي(پنهنجي شهزادي جو) ديدار ڪرائي. بيبي آمنه رَضِیَ اللهُ عَنْهَا جي گهر واپس آيا (هن ڀيري) جيئن ئي عامر يمني حضورِ پاڪ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن کي ڏٺو ته ڏسندي ئي قدمن تي ڪِري پيا پوءِ هڪ زوردار رڙ ڪئي ۽ ان جو روح ٻنهي جهانن جي رسول صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پيارن پيارن قدمن تي قربان ٿي ويو. (نعمت الڪبريٰ، ص 52)
امجد کا دل مٹھی میں لے کر سوتے ہو کیا انجان!
ننھے قدموں میں سر کو رکھ کر ہو جاؤں قربان مدنی
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! سرڪار عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم دنيا ۾ تشريف کڻي آيا ته ڪهڙي شان سان آمد ٿي...!! ڪهڙين ڪهڙين برڪتن جو ظهور ٿيو. هي سڄو بيان جيڪو اسان ٻڌو، انهن روايتن ۽ واقعن مان واضح ٿي ٿو ته سرڪار عالي وقار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ميلاد جي وقت زمين ۽ آسمان ۾ خوشيون ئي خوشيون هيون، جيتوڻيڪ انسانن جي