Amad e Mustafa Marhaba Marhaba

Book Name:Amad e Mustafa Marhaba Marhaba

هٿن ۾ سبز سبز جهنـڊا کڻي، درود ۽ سلام پڙهندي اکين مان ڳوڙها وهائيندي ”صبحِ بهارانجو استقبال ڪيو. فجر جي نماز کانپوءِ سلام ۽ عيد مبارڪ چئي هڪ ٻئي سان گرم جوشي سان ملاقات فرمايو ۽ سڄو ڏينهن عيد جون مبارڪون پيش ڪندا ۽ عيد ملندا رهو.

عیدِ  میلادُ  النّبی  تو  عید  کی  بھی  عید  ہے                                                                                                                                                            بالیقیں  ہے  عید  ِعیداں  عیدِ میلادُ النّبی

12.   الله پاڪ جي پياري پياري آخري نبي، محمد رّسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سومر شريف تي روزو رکي پنهنجي ولادت جو ڏينهن ملهائيندا رهيا، توهان به يادمصطفٰيصَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ۾ 12 ربيع النور شريف جو روزو رکـي ڪري سائـو جهنڊو کڻي جلوسِ ميلاد ۾ شريڪ ٿيو. جيستائين ممڪن ٿئي با وضو رهو ۽ زبان تي درود و سلام ۽ نعتن جا نغمه ڳائيندي ۽ درود ۽ سلام جا گل پيش ڪندي نگاهون جهڪائيندي باوقار طريقي سان هلو. ٺينگ ٽپا ڏيندي ڪنهن کي تنقيد جو موقعو نه ڏيو. (ذميدارنِ دعوتِ اسلامي جلوسِ ميلاد ۾ اهي ئي نعرا لڳائن يا گاڏين ۾ اهي ئي نعتون هلائن جيڪي مدني مرڪز طرفان جاري ڪيل آهن)

ربیعُ  الاوّل  تجھ  پر  اہلسنّت  کیوں  نہ  ہوں  قرباں                                                                                                               کہ  تیری  بارھویں   تاریخ   وہ   جانِ   قمر   آیا

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                         صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد