Book Name:Amad e Mustafa Marhaba Marhaba
درودِ پاڪ پڙهڻ جي توفيق عطا فرمائي.
بیٹھتے اٹھتے، جاگتے سوتے ہو اِلٰہی مرا شِعَار درود([1])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
حديث پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیّات عملن جو دارومدار نيتن تي آهي. [2]
پيارا اسلامي ڀائرو! سٺي نيت افضل ترين عمل آهي، بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مثال طور نيت ڪيو نگاهون هيٺ ڪري بيان ٻڌندس، علمِ دين جي تعظيم جي نيت سان جيتري دير ٿي سگهيو گوڏن ڀر يعني التَّحِيَّات ۾ ويهڻ جيان ويهندس، ضرورتًا سرڪي ٻين جي لاءِ جاءِ ڪشادي ڪندس، ڌڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس گھُورڻ، جھڻڪڻ، تڪرار ڪرڻ کان بچندس، بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي مسلمانن کي سلام ڪندس، هٿ ملائيندس ۽ انفرادي ڪوشش ڪري نيڪيءَ جي دعوت پيش ڪندس.اِنْ شَآءَ اللّٰهُ الْڪَرِیْم!
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
ميلاد شريف جي برڪت سان شفا ملي وئي
حضرت ميان غلام حيدر رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه بلوچستان جو هڪ بزرگ ٿي گذريو آهي، سندس هڪ مريد هو، ان جو نالو هو: جمعو. ڍاڊر شهر جو رهاڪو هو، ان کي عالم سڳورن جا لکيل ميلاد نامه پڙهڻ جو تمام گهڻو شوق هو. هڪ ڀيري حضرت ميان غلام حيدر رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ڪنهن ڪم سان ڍاڊر شهر تشريف کڻي آيا، سندن جا مريدَ کين ملڻ جي لاءِ حاضر ٿيا پر جمعو نالي