Amad e Mustafa Marhaba Marhaba

Book Name:Amad e Mustafa Marhaba Marhaba

الحمدلله! پياري آقا، رسول خُدا، احمدِ مجتبيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ولادت، سندن عزَّت ۽ عظمت ۽ سندن بي مثل ۽ بي مثال شان جو ذڪر انبياءِ ڪرام عليهم السلام به ڪندا هئا، الله پاڪ به قرآن ڪريم ۾ انهن ڳالهين جو ذڪر فرمايو، هن مان معلوم ٿيو: ميلاد پاڪ جو ذڪر ڪرڻ سُنّت الٰهيه به آهي ۽ سُنّت انبياء به آهي.[1]

آيتِ ڪريمه جي مختصر وضاحت

مفتي صاحب وڌيڪ فرمائن ٿا: الله پاڪ جي سڀني کان وڏي نعمت نبي ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهن، انهيءَ ڪري ربّ ڪريم قرآن مجيد ۾ مختلف جڳھن تي الڳ الڳ انداز ۾ حضور انور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ميلاد شريف ارشاد فرمايو. * ڪٿي عام انسانن کي حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ميلاد ٻڌايو. * ڪٿي صرف مسلمانن کي ٻڌايو. * ڪٿي سڄي مخلوق کي ٻڌايو. * ڪٿي پنهنجي نبين کي پنهنجي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ميلاد ٻڌايو، پوءِ هر جڳھ اهڙي شان سان ميلادِ مصطفيٰ جو ذڪر فرمايو جو.... بس! قربان وڃو!

جيئن ته هن آيت ڪريمه ۾ حضور انورصَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ڪيئي صفتن سان ميلاد شريف ٻڌايو ويو، فرمايائون: اي انسانو! توهان وٽ اهو رسول ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي آمد جي ڌوم ڌام انسان جي تخليق کان به پهريان مچي وئي هئي، جن جي آمد جي خوشي سڀني نبين ملهائي. جنهن جو انتظار دنيا کي هيو، اهو عظيم الشان رسول هاڻي توهان وٽ تشريف کڻي آيو ۽ ياد رکو! اسان جا محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جسماني طور تي جيتوڻيڪ عرب ۾ آيا پر  سندن جي رسالت قيامت تائين هرهر گهر ۾، هر دل ۾ پهتي، هن محبوب نبي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا شان به ٻڌو! * اهي توهان تي ايئن مهربان ۽ توهان جي هر حالت کان  ايئن خبردار آهن جو توهان جي تڪليف انهن کي ڏکي لڳي ٿي.


 

 



[1] شانِ حبیب الرحمٰن،صفحہ:95 خلاصۃً.