Amad e Mustafa Marhaba Marhaba

Book Name:Amad e Mustafa Marhaba Marhaba

اڪثريت ان وقت ڪفر ۽ شرڪ ۾ مبتلا هئي پر الله ميلاد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  جو ذڪر بلند ڪيو.

آمدِ سرکار سے ظلمت ہوئی کافور ہے

کیا زمیں کیا آسماں ہر سمت چھایا نور ہے([1])

حضرت عباس رَضِیَ اللهُ عَنْهُ  شعرن جي صورت ۾ ميلاد پڙهيو

پيارا اسلامي ڀائرو! ياد رکو! ميلاد مصطفيٰ ملهائڻ، ميلاد جي نالي تي خوشي ملهائڻ، هن موقعي تي الله پاڪ جي آخري نبي، محمد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  جي ذڪر جون محفلون سجائڻ ڪا نئين ڳالھ نه آهي، اَلحمدلله! مسلمان شروع کان ئي پنهنجي زماني جي تقاضن جي مطابق هي نيڪ ڪم ڪندا آيا آهن. صحابه ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهم به ميلاد جي ذڪر جون محفلون سجايون آهن. برڪت حاصل ڪرڻ جي لاءِ صرف هڪ واقعو ٻڌون ٿا. روايتن ۾ آهي: رسولِ انور، شاھ بحروبر غزوه تبوڪ کان واپس موٽيا، ان وقت حضرت عباس بن عبدالمطلب رَضِیَ اللهُ عَنْهُ  ذڪر ميلاد تي پنهنجا لکيل ڪجھ شعر پڙهڻ جي اجازت گهري، سرڪار عالي وقار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  اجازت عطا فرمائي ته پاڻ ميلاد تي مشتمل قصيدي جا شعر پڙهيا، انهن مان ڪجھ هي آهن.

قَبْلَهَا طِبْتَ فِي الظِّلَالِ وَفِي                                                                                                                                          مُسْتَوْدَعٍ حَيْثُ يَخْصِفُ الْوَرِقُ

 اوهان ولادت کان پهريان ساين ۾ هئا يعني جنت جي اندر، حضرت آدم جي پٺي ۾

ثُمَّ هَبَطَتَ الْبِلَادُ لَابَشَرٌ                                                                                                                                                      أَنْتَ وَلَا مُضْغَةٌ وَلَا عَلَقُ

پوءِ آدم جي پُٺي ئي ۾زمين تي لٿا، تڏهن اوهان نه انساني صورت ۾ هئا، نه مُضۡغَمه، نه عَلَقَہ(هي حمل جي ابتدائي ڏينهن ۾ ٻار جي 2 حالتن جا نالا آهن.)


 

 



[1]...وسائلِ بخشش،صفحہ:483۔