Book Name:Amad e Mustafa Marhaba Marhaba
ڪرڻ، فلمون ڏسي شيطان کي خوش ڪرڻ ۽ ڳائڻ وڄائڻ وغيره ٻُڌي مست رهڻ منهنجو روزانو جو ڪم هو، افسوس! مان سُنتن تي عمل ڪرڻ کان محروم هئس، منهنجي گُنَاهن ڀري زِندگي ۾ روشني هيئن آئي جو هڪ ڏينهن هڪ مبلغ دعوتِ اسلامي سان منهنجي ملاقات ٿي، ان مون کي سمجھائيندي اجتماعي سُنَّت اعتڪاف جو ذهن ڏنو، ان جي مٺي انداز ۾ ڏنل نيڪي جي دعوت منهنجي دِل کي وڻي وئي ۽ مان اجتماعي اعتڪاف ۾ شريڪ ٿيس، هاڻ منهنجا رات ڏينهن عبادت ۾ گذرڻ لڳا، پُرسوز بيانن ۽ رِقَّت انگيز دُعائن منهنجي دِل واري دنيا ئي بدلي ڇڏي، وڌيڪ ڪرم اهو ٿيو جواجتماعي اعتڪاف ۾ امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو مدني مذاڪرو ٻڌڻ جي سعادت ملي، سندن اثرائتي گفتگو سان مان ايتري قدر متاثر ٿيس جو مون هڪدم پنهنجي اڳوڻن سمورن گناهن کان توبه ڪئي ۽ نمازن جي پابندي جو پڪو ارادو ڪيو، امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي ترغيب ڏيارڻ تي چنڊ رات جو گھر وڃڻ بدران راھِ خُدا جو مسافر بڻجي ويس جتي عِلمِ دين جي سنهري موتين سان دامن ڀرڻ جو موقعو مليو ۽ سنتون سکڻ سان گڏوگڏ ان تي عمل ڪرڻ جو جذبو به دِل ۾ پيدا ٿي ويو۔
ڪلمو اينڊ دُعا (Kalma &Dua) ايپ جو تعارف
پيارا اسلامي ڀائرو! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوت اسلامي جي آئي، ٽي ڊيپارٽمنٽ هڪ تمام ئي پياري موبائل ايپليڪيشن (Application) بنام ”ڪلمو ۽ دُعا“ (Kalma &Dua) جاري ڪئي آهي۔ هن ايپليڪيشن جي ذريعي تمام آسان انداز سان ٻارن جي تربيت ڪري سگھجي ٿي. * هن اپيليڪيشن ۾ ٻارن جي لاءِ 6 ڪلما آواز (Audio) جي صورت ۾ لفظ جي ادائيگي ۽ ترجمي سان گڏ * روزمره جون 16 مختلف دعائون مثال طور پاڻي پيئڻ جي دُعا، کاڌو کائڻ کان پهريان جي دُعا، ۽ کاڌو کائڻ کان بعد جي دُعا، کير پيئڻ جي دُعا، سمهڻ وقت جي دُعا وغيره لفظ جي ادائيگي ۽ ترجمي سان گڏ * ۽ مختلف