Book Name:Amad e Mustafa Marhaba Marhaba
هٿ ۾ هڪ چمڪدار منڊي هئي، منڊي کي 7 ڀيرا ڌوئي ڪري ان حضور اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مبارڪ ڪلهن جي وچ ۾ مهر نُبُوّت لڳائي پوءِ پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي ريشمي ڪپڙي ۾ ويڙهي ڪري منهنجي حوالي ڪيو ويو.[1]
آمنہ تجھ کو مُبَارَک شاہ کا میلاد ہو
تیرا آنگن نور، تیرا گھر کا گھر سب نور ہے([2])
سرکار کی آمد! مرحبا! سردار کی آمد! مرحبا!
رسول کی آمد! مرحبا! مختار کی آمد! مرحبا!
اچھے کی آمد! مرحبا! سچّے کی آمد! مرحبا!
ولادتِ باسعادت جي متعلق عجيب واقعو
حضرتِ سَيدُنا علامه ابن حجر مڪّي شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه نِعۡمةُ الۡڪُبۡريٰ جي صفحي نمبر 52 تي ولادتِ مططفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي ٿيندڙ هڪ ايمان آفروز ۽ عقلن کي حيران ڪندڙ واقعو لکن ٿا ته هڪ شخص جنهن جو نالو”عامر يمني“ هو ان جي هڪ نياڻي هئي جيڪا آنڊي جي خرابي ۽ ڪوڙھ وغيره جي بيماري ۾ مبتلا هئڻ سان گڏوگڏ هلڻ ڦرڻ کان به لاچار هئي، عامر يمني وٽ هڪ بُت هو اهو پنهنجي نياڻي کي ان جي سامهون ويهاريندو ۽ بُت کي چوندو هو: ”جيڪڏهن تون شفا ڏئي سگهين ٿو ته منهنجي ڌيءَ کي شفا ڏي.“ ڪيئي سالن تائين عامر يمني ائين چوندو رهيو پر بُت، سو بُت ئي بڻيو رهيو، پٿر جو بت ڀلا ڏئي به ڇا ٿو سگهي! توفيق و عنايت جي هوا هلي جو هڪ ڏينهن عامر يمني پنهنجي زال کي چوڻ لڳو ته اسان ڪيستائين هن گونگي ٻوڙي پٿر کي پوڄيندا رهنداسين، جيڪو نه ڳالهائي ٿو نه ٻڌي ٿو، مان نٿو سمجهان ته اسان”درست دين“ تي آهيون. ان جي گهر واريءَ چيو: چڱو صحيح آهي، اسان کي ساڻ وٺي